ڄامشورو/ مانجهند (رپورٽ: راجا انور چانڊيو+ بابو عمراڻي) سن ڀرسان سرائي سولنگي اسٽاپ تي ڄامشوري کان لڪي شاھه صدر ويندڙ ڪار جو تيز رفتار وين سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار ڄامشوري واسي هڪ ئي گهر جا چار ڀاتي جنهن ۾ ٻه ڀائر سيد نظر محد شاھه، سيد سرور شاھه، سندن ڀائيٽو حميد شاھه، سيد زين العابدين شاھ فوت ٿي ويا ۽ حادثي ۾ سندن ڪار مڪمل تباھه ٿي وئي، جڏهن ته وين ۾ سوار 23 ڄڻا جن ۾ مولابخش، فرحانه، شميلا، جنت، مريم، آصفا، زين علي، زيب علي، شائقه، مهناز، آمنه، بختاور، عابد، زاهدان، شاهه خاتون، انيتا، شماد خاتون، يسرا، زينب خاتون، طيب، ذيشان، صغران زخمين ۾ شامل آھن، جن کي مانجهند اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين کي ريسڪيو ايمبولينس ۽ ٽرڪن ۾ اسپتال پهچايو ويو، مانجهند اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ سبب زخمي تڙپندا رهيا، هوڏانهن ڄامشورو واسي چئن ڄڻن جا لاش اسپتال مان ضروري ڪاروائين بعد گهر آندا ويا ته گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو. هوڏانهن ٻئي پاسي لوڻي ڪوٽ ٿاڻي جي حد 32 ميل ڀرسان فلاءِ اوور ڀرسان لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ اڳيان ويندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، فوتين ۽ زخمين کي ريسڪيو عملي ڪٽر مشين ذريعي ڪڍي ٻاهر آندو جتان اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتين ۾ 52 سالن جو شمن پٽ سليمان ڪانڌڙو،47 سالن جو محمد سهيل ولد حميد خان،52 سالن جو نواز ولد عثمان،38 سالن جو گل بهار ڀٽو شامل آھن، زخمين ۾ عارفه، صنم، عروج، صوبيا، عائزه غفار، حبيب خاتون، سميعه الله، شاهنوازشيخ، ببلوشيخ، بشيران، نورحسن، اميرعلي، ڪلثوم، جاويد، شفيق احمد، محمد، حرم شامل آهن، زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آھي جڏهن ته فوتين جا لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد سندن وارثن حوالي ڪيا ويا. ڊي سي ڄامشورو رياض حسين وساڻ موجب افسوسناڪ واقعا ٿيا آھن ان ۾ 8 ماڻهو فوت ٿيا آھن 40 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آھن زخمين کي علاج جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.