ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا. ڪورنگي انڊسٽريل ايريا پوليس ۾ مبينا مقابلي دوران 2 ڌاڙيل مارجي ويا، جڏهن ته 2 ڦورو موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. سکن پوليس مبينا مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس ڪارروائي ڪري ٻن ڦورن جا لاش جناح اسپتال پهچايو. ڪراچي پوليس ترجمان موجب اي بي ايم ڪاز وي تي 4 هٿياربند ڦورو شهرين کي ڦري رهيا هئا. جڏهن ته گشت ڪندڙ پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته ڦورو مٿن سخت فائرنگ شروع ڪري ڏني. ڦورن جي فائرنگ سبب پوليس اهلڪار پنهنجي بلٽ پروف جيڪيٽ جي ڪري محفوظ رهيو. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته سندن 2 ساٿي موقعي تي فائرنگ ڪري درياهه طرف فرار ٿي ويا.
-
ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي، پرڏيهه مان ايندڙ مسافر گرفتار
ڪراچي (رپورٽر ) ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي پرڏيهه مان ايندڙ مسافر کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار آصف علي فلائيٽ نمبر ايس وي 700 ذريعي سعودي عرب کان پاڪستان پهتو هو. شروعاتي جاچ موجب جوابدار سال 2015ع ۾ غير قانوني طور پرڏيهه ويو، جڏهن ته سندس پرڏيهه سفر جو ڪو به رڪارڊ ناهي. جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.
-
پوليس گردي ذريعي عوامي طاقت کي نٿو روڪي سگهجي: محنتي
ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي جمهوريت ۽ آئين جي پاسداري ڪرڻ جي دعويدار نام نهاد شهباز حڪومتپاران پنجاب ۽ اسلام آباد کي نوگوايريا بڻائي جماعت اسلامي اڳواڻن، ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن، گرفتارين، چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪرڻ سميت پوليس گردي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عوامي طاقت کان خوفزده ڪوڙ ۽ فريب تي ٻڌل حڪمرانن جون ننڍون حرام ٿي ويون آهن، جعلي مينڊيٽ ۽ اسٽيبلشمنٽ جي بيساکين تي قائم حڪومت کي ياد رکڻ گهرجي ته ڪنٽينرز ۽ پوليس گردي ذريعي عوامي طاقت کي روڪي نٿو سگهجي، اسان پُرامن آهيون، پر فاشسٽ حڪمرانن جيڪڏهن رياستي طاقت استعمال ڪئي ۽ تشدد جو رستو ورتو ته پوءِ نتيجن جي سموري ذميواري حڪومت مٿان عائد هوندي. اسلام آباد ۾ رٿيل ڌرڻي کي روڪڻ لاءِ رات کان پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ جماعت اسلامي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن، رستن تي رڪاوٽون ۽ ڪنٽينرز هڻڻ جي ردعمل ۾ جاري بيان ۾ صوبائي امير وڌيڪ چيو ته پُرامن احتجاج ڪرڻ هر شهري جو آئيني ۽ قانوني حق آهي، اسلام آباد ۾ رٿيل ڌرڻو عوام جي دلين جي آواز بڻجي چڪو آهي.