خانپور مهر ويجهو حوا ڄائي سان 7 جوابدارن پاران اجتماعي ڏاڍائي، احتجاج

خانپورمهر (رپورٽر) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ وردڙو ۾ وحشي صفت 7 جوابدارن شادي شده عورت مسمات (خ زال ف ڪ) سان اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو. ان ڏس ۾ متاثر عورت مسمات (خ) پنهنجي مڙس ف ڪليري سان گڏجي ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته وحشي جوابدارن گهر ۾ گهڙي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ يرغمال ڪري واري واري سان ڏاڍائي ڪندا رهيا، منهنجي نياڻي جي رڙين تي هٿياربند جوابدارن فائرنگ پڻ ڪئي. 7 وحشي صفت جوابدار ٻن ڪلاڪن تائين تشدد ۽ زيادتي جو نشانو بڻائيندا رهيا ۽ مون کي بيهوش ڪري فرار ٿي ويا،  ان موقعي تي عورت جي مڙس (ف) ڪليري جو چوڻ هو ته آئون رات جو گهر نه هيس آئون گهوٽڪي ۾ مزدوري ڪندو آهيان کيس پاڙيوارن فون ڪري ٻڌايو آهي جنهن بعد آئون گهر پهتس ته خبر پئي، هن چيو ته ظالمن منهنجي گهرواري سان زيادتي ڪري ظلم ڪيو آهي انصاف فراهم ڪيو وڃي، خانپورمهر پوليس موجب متاثر عورت کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.