عمران خان جي آزادي لاءِ مختلف شهرن ۾ ڌرڻا ۽ ريليون، لٺبازي، گرفتاريون

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (رپورٽر)حيدرآباد ۾ پي ٽي آءِ طرفان باني چيئرمين ۽ ڪارڪنن جي آزادي لاءِ  احتجاج ڪندي حيدر چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي ۾ پي ٽي آءِ جي مرد توڙي عورت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، پوليس احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ  ڪرڻ جي لاءِ لٺبازي ڪندي  ڪارڪنن کي گرفتارڪري ورتو. ان موقعي تي حليم عادل شيخ ڳالهائيندي چيو ته اسان کي احتجاج ڪرڻ کان زبردستي روڪيو پيو وڃي، سڄي سنڌ ۾ اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي, پوليس منشيات فروشن کي گرفتار ڪرڻ بدران اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري رهي آهي، هن چيو ته عمران خان جلد ئي آزاد ٿيڻ وارو آهي، عدت ڪيس جيان 9 مئي وارا ڪيس به نٿا ٽڪي سگهن. ٻئي طرف مختلف شهرن مان گڏ ڪيل رپورٽن موجب، ڪنڌڪوٽ ۾ ريلي ڪڍڻ تان پوليس حرڪت ۾ اچي وئي، پي ٽي آءِ جي ڪوريج الزام هيٺ صحافي عبدالعزيز سومرو گرفتار ڪري ورتو ۽ بعد ۾ آزاد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊاڪٽر اقرارجکراڻي جي گهر تي چڙهائي ڪئي وئي.هوڏانهن ٽنڊو محمد خان ۾ پوليس جي وڏن اٽالن پي ٽي آئي اڳواڻ سعود احمد فاروقي جي رهائشگاھه تي چڙهائي ڪندي سعود احمد فاروقي ، لالا حسن پٺاڻ ، ڪبير ڪولاچي ، اسد علي ، ڪامران جانوري  کي حراست ۾ وٺي پوليس موبائيلن ۾ زبردستي ڌڪا ڏئي کڻي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي . ٻئي طرف کيبر ۾ ايڊووڪيٽ گلزار خاصخيلي ۽ ٻين شاهي بازار کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو. جڏهن ته  جهنڊي مري ۾ ٽنڊي الهيار ضلعي جي مرڪزي پي ٽي آءِ اڳواڻ  ايڊووڪيٽ محمد اسلم خان لغاري جي اڳواڻي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. هوڏانهن ڏهرڪي ۾ ابوبڪر شيخ، غريب نواز علوي، عبدالستار سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ٻئي طرف  قمبر ۾ نثار احمد ڏيپر، فدا حسين ٻگھيو، مشتاق سرور گوپانگ، بھرام خان چانڊيو، صدام گوپانگ، وحيد ڦل ۽ علي زيب گوپانگ سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته  دادو ۾ علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري کان پريس ڪلب تائين پر امن ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي ضلعي صدر حيدر سيال ڪئي، ان موقعي تي  تعلقي صدر ڪاشف ٻٻر، راجا سليم، ذوالفقار ٻٻر، شفقت گوپانگ، جعفر ٻٻر، سٽي اڳواڻ ڪنڌر گوپانگ، نصرالله ٻٻر، ھمت گوپانگ، قاسم گوپانگ، عمران ملاح، ارسلان ٻٻر ۽ ٻيا شامل هئا. ٻئي طرف  ٽنڊي الهيار ۾ فدا حسين چوھاڻ، غلام حسين لاشاري ، ڪائونسلر اسلام الدين قائم خاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. جڏهن ته  ملير ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران عمران خان جي آزادي لاءِ گلشن حديد کان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي خالد محمود، ٽائون صدر عمير شاهد، راشد گبول، جعفرالحسن، راشد، امان قريشي، ايڊووڪيٽ سلمان ميمڻ ۽ ٻين ڪئي.هوڏانهن ڀرياسٽي ۾ ايڊووڪيٽ عابد علي راجپوت ، غلام سرور راجپوت ، رضوان احمد خانزاده ،شاهد خان جلباڻي ۽ ٻين احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ٻئي طرف  ميرپورماٿيلي ۾  پي ٽي آءِ ڪارڪنن وڏي تعداد م ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پريس ڪلب کان ڀٽائي چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي پي ٽي آءِ ضلعي گهوٽڪي جي صدر غلام مرتضي لغاري، اويس قرني، عبدالستار سمون،  پرويز احمد بوزدار، جاويد لغاري، اعجاز احمد چاچڙ ۽ ٻين ڪئي. جڏهن ته جوهي ۾ پي ٽي آءِ ضلعي صدر حيدر سيال، رياض چانڊيو، علي انور پنهور، اصغر رستماڻي، حليم لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري شھر جو گشت ڪندي نيشنل پريس ڪلب جوهي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.