عمران خان آرمي چيف ڏانهن صلح جو پيغام موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد (عمران شفقت) : پي ٽي آءِ باني عمران خان آرمي چيف جنرل عاصم منير کي پيغام موڪليو آهي ته هي ويڙهه اسانجي ناهي، اها باهه نواز ليگ ڀڙڪائي آهي. اهو پيغام هن قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب معرفت موڪليو آهي. شهباز حڪومت اسانکي ويڙهائي رهي آهي. عمران خان آرمي چيف ڏانهن صلح جو پيغام موڪليو آهي. عمران خان پيغام ۾ اهو به چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ پي ٽي آءِ کي پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون ڪري اختلاف ختم ڪرڻ گهرجن. عمران خان ۽ پي ٽي آءِ قيادت کي خوشفهمي آهي ته آڪٽوبر يا نومبر ۾ ٻيهر اليڪشن ٿيندي ۽ پي ٽي آءِ وري اقتدار ۾ اچي ويندي. پي ٽي آءِ وٽ هن وقت ٻه قوتون آهن، هڪ عدليه ۾ ويٺل عمران خان جا حامي جج، ٻي سوشل ميڊيا، انهن جي سهاري تي عمران خان جي سياست ٽڪيل آهي. انهن ٻن قوتن ذريعي پاڪستان خلاف وڏي سازش ڪئي پئي وڃي. اهڙي هڪ ڪوشش پهريان به ارسلان خالد  نالي شخص ذريعي به ڪئي وئي هئي. تڏهن پي ٽي آءِ جو موقف هو ته اهي ٽوئيٽر اڪائونٽ مسلم ليگ ن وارن جا آهن، جيڪي پي ٽي آءِ جو لباس پائي فوج کي ان خلاف ڀڙڪائي رهيا آهن، اسان انهن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيون ٿا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 27 جولاءِ 2024 تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.