حڪومتن آءِ پي پيز جي سهولتڪاري ڪئي، هاڻي اهو ڌنڌو نه هلندو: حافظ نعيم

اسلام آباد +راولپنڊي (م ڊ) بجلي جي اگهن ۾ واڌ، آءِ پي پيز کي ادائگين، مهانگائي ۽ ٽيڪسن خلاف اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ تي ڌرڻي کان منع بعد جماعت اسلامي ڌرڻي جو پلان تبديل ڪندي ٽن هنڌن تي ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪيو، انتظاميا سان ڳالهين بعد ڪارڪنن کي مري روڊ تي بن کان ٽن هنڌن تي ڌرڻا هڻڻ جي مشروط اجازت ڏني وئي، جنهن بعد ڪارڪنن جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ رات دير سان راولپنڊي جي لياقت باغ وٽ ڌرڻو هنيو، جڏهن ته حڪومت جماعت اسلامي سان ڳالهين لاءِ تيار ٿي وئي آهي، جماعت اسلامي جو چوڻ آهي ته پوليس سندس هڪ هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي. احتجاج سبب ريڊ زون ۽ راولپنڊي کان اسلام آباد ايندڙ روڊن کي ڪينٽينر لڳائي بند ڪيو ويو، جڏهن ته ميٽروبس سروس پڻ مڪمل طور بند ڪئي وئي آهي.خبر موجب  بجلي جي اگهن ۾ واڌ، آءِ پي پيز کي ادائگين، مهانگائي ۽ ٽيڪسن خلاف ڌرڻي خلاف احتجاج لاءِ هزارين ماڻهن تي ٻڌل جماعت اسلامي جو قافلو راولپنڊي کان اسلام آباد روانو ٿيو ته لياقت باغ پهچڻ تي پوليس کين اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو.ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ جماعت اسلامي جا ڪارڪن جيئن ئي لياقت باغ پهتا ته پوليس کين اڳتي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، سي پي او راولپنڊي خالد همداني ۽ ٻيا پوليس اهلڪار لياقت باغ پهتا.ان موقعي تي جماعت اسلامي جي اڳواڻن ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪندي اسٽيج تان اعلان ڪيو ته پوليس اهلڪار سيڪيورٽي لاءِ آيا آهن.ان موقعي تي جماعت اسلامي جي اڳواڻن چيو ته ظالماڻي ٽيڪس خلاف احتجاج ڪندي ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو وڃي، جيڪڏهن کين اڳتي وڌڻ نه ڏنو ويو ته لياقت باغ شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو.سي پي او راولپنڊي جماعت اسلامي جي اڳواڻن کي چيو ته هو جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندا، تنهن ڪري بهتر آهي ته ڪارڪنن کي لياقت باغ اندر وٺي وڃي.جنهن بعد ڪارڪن ڊي چوڪ تي گڏ ٿيڻ لڳا ته پوليس ڪارڪنن کي ڊي چوڪ خالي ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو.اسلام آباد پوليس چيو ته لياقت باغ ۾ ريلي جي اجازت آهي، ڊي چوڪ تي ريلي يا ڌرڻي لاءِ ڪو به اين او سي ناهي، جيڪڏهن علائقو خالي نه ڪيو ته قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.ان تي ڪارڪنن چيو ته اسان جي امير چيو آهي ته ڊي چوڪ پهچي وڃو، هتان نه وينداسين، جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ڊي چوڪ تي سخت نعريبازي پڻ ڪئي.بعد ۾ پوليس جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي ڪارروائي ڪري ڊي چوڪ تان ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو، ان کان اڳ جماعت اسلامي جي ڌرڻي ۽ پي ٽي آءِ جي احتجاج جي سڏ تي ريڊ زون ۽ راولپنڊي کان اسلام آباد ايندڙ روڊن کي ڪينٽينر لڳائي بند ڪيو ويو.احتجاج کي نظر ۾ رکندي ميٽروبس سروس پڻ مڪمل طور بند ڪئي وئي، ميٽروبس سروس صدر اسٽيشن کان پاڪ سيڪريٽريٽ تائين مڪمل طور بند ڪئي وئي.حڪومت طرفان ڌرڻن لاءِ رستا بند ڪرڻ ۽گرفتارين کانپوءِ جماعت اسلامي احتجاج جي حڪمت عملي تبديل ڪري ڇڏي ۽ ٽن هنڌن تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو، جماعت اسلامي جي ترجمان قيصر شريف موجب، جماعت اسلامي ٽن هنڌن تي ڌرڻن جو فيصلو ڪيو آهي.هن چيو ته مري روڊ راولپنڊي، زيرو پوائنٽ اسلام آباد ۽ چورنگي نمبر 26 تي ڌرڻا هنيا ويندا، جڏهن ته زيرو پوائنٽ اسلام آباد تي ڌرڻي جي قيادت حافظ نعيم الرحمان ڪندو.سندس چوڻ هو ته حافظ نعيم الرحمان جي هدايت آهي ته جتي رنڊڪ هوندي اتي ڌرڻو هنيو ويندو، ترجمان چيو ته حڪومت فسطائيت تي لهي آهي، تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪيون ٿا ۽ هنيئر تائين 1150 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.هن اعلان ڪيو ته بجلي بلن ۾ لاٿ ۽ پگهارن تي ٽئڪس ختم ڪرڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو. مقامي قيادت ۽ ضلعي انتظاميا سان ڳالهين بعد ڪارڪنن کي مري روڊ تي ٻن کان ٽن هنڌن تي ڌرڻا هڻڻ جي مشروط اجازت ڏني وئي، جنهن بعد ڪارڪنن جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ رات دير سان راولپنڊي جي لياقت باغ وٽ ڌرڻو هنيو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان جي پارٽي کي ڪجهه به کپي، صرف عوام کي رليف ڏيو، حڪمران طبقو عوام جو استحصال ڪري رهيو آهي، بجلي جي بلن ۾ مختلف قسمن جا 36 ٽيڪس لڳايا ويا آهن، اسان جو هڪڙو ئي مطالبو آهي ته عوام کي رليف ڏيو، رليف کان ڳالهه اڳتي نه وڌندي، جاگيردارن تي ٽيڪس لڳايا وڃن، عوام تان ٽيڪس ختم ڪيا وڃن، جيڪڏهن نه ته اسان جو هي ڌرڻو هڪ مهينو هلي سگهي ٿو، ان کان وڌيڪ عرصو ويهڻ لاءِ به تيار آهيون، هن چيو ته اسان جي عورت ونگ به تيار آهي، جيڪڏهن سڏ ڏيون ته سڀاڻي ئي پهچي وينديون، حافظ نعيم چيو ته جيڪي ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن اهي ايجنٽ ٿي سگهن ٿا، اسين ري اليڪشن نه ٿا چاهيون، اسين چاهيون ٿا ته جن کٽيو آهي انهن کي حڪومت ڪرڻ ڏني وڃي، ڌرڻي دوران ڪارڪنن کي مخاطب ٿيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته اوهان هڪ عظيم مقصد لاءِ هتي آيا آهيو ۽ اهو وڏو مقصد آهي ته 77 سالن کان اسان تي ظلم جو نظام مسلط آهي، هي بجليءَ جا بم، آءِ پي پيز وارا اڇلائي رهيا آهن جن کي مسلط ڪيو ويو آهي جيڪي پاڪستان جا هزارين ارب رپيا هر سال کائي ويندا آهن، هن چيو ته اسان سڀ هتي پنهنجي مفاد لاءِ نه آيا آهيون پر پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام کي انصاف ڏيارڻ لاءِ آيا آهيون، توهان ٻن ڏينهن ۾ سالن جو سياسي سفر پورو ڪيو ۽ هاڻي پورو پاڪستان توهان ڏانهن ڏسي رهيو آهي. هن چيو ته مان چتاءُ ڏيان ٿو ته اسان پرامن ماڻهو آهيون پر اسان جي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.جماعت اسلامي جي امير پنهنجن ڪارڪنن کي پوليس سان نه وڙهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسان پوليس وارن سان نه وڙهنداسين، اها انهن جي ڊيوٽي آهي تنهن ڪري توهان انهن سان نه وڙهو. هن چيو ته اسان کي هن تحريڪ ۾ پرامن رهڻو آهي ڇو ته اهي سازشون ڪندا ۽ امن کي خراب ڪري مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪندا.حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان پلان بي جي ٻئي مرحلي تحت مري روڊ تي پهچنداسين ۽ پنهنجي فوج کي گڏ ڪنداسين.هن چيو ته اسان رليف وٺڻ آيا آهيون، بجلي جا اگهه گهٽايو، آءِ پي پيز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پگهاردار طبقي لاءِ سليب سسٽم ختم ڪيو وڃي، پيٽرول، اٽي، کنڊ، چانور، دال تي ٽيڪس ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.