مهانگائي گهٽجڻ بدران وڌڻ لڳي، کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) نئين مالي سال جي مسلسل چوٿين هفتي مهانگائي جي شرح ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو،  شماريات واري بيورو  مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مهانگائي جي شرح ۾ هفتيوار بنياد تي 0.17 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جي مجموعي سالياني شرح 20.09 سيڪڙو تي پهچي وئي. شماريات کاتي موجب هڪ هفتي دوران 19 ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، 8 شين جا اگهه سستا ۽ 24 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ ڪڪڙ 4.80 سيڪڙو،  ٿوم 2.01 سيڪڙو، دال 1.87 سيڪڙو، آنا 1.71 سيڪڙو، گوشت 0.93 سيڪڙو، گجر 0.89 سيڪڙو، دال منڱ 0.84 سيڪڙو، تازو کير 0.45 سيڪڙو، ڪاٺيون 0.23 سيڪڙو ۽ سگريٽ 0.23 سيڪڙو وڌيڪ مهانگيون ٿيون آهن.   ان کان علاوه هڪ هفتي دوران ٽماٽر جي قيمت ۾ 9.19 سيڪڙو، بصر 2.14 سيڪڙو، ڪيلا 0.53 سيڪڙو ۽ اٽي جي قيمت ۾ 0.35 سيڪڙو گهٽتائي آئي، جڏهن ته پٽاٽن جي قيمت ۾ 0.17 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ  ٿي آهي ،  هلندڙ هفتي ايل پي جي قيمت به 1.04 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.