اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف مخصوص سيٽن جي فهرست اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. ذريعن موجب، پي ٽي آءِ طرفان قومي اسيمبلي سميت سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلين جي مخصوص سيٽن جي لسٽ جمع ڪرائي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ طرفان 67 عورتن ۽ 11 اقليتن جي لسٽ اليڪشن ڪميشن کي جمع ڪرائي وئي آهي. ذريعن موجب، صنم جاويد، عاليا حمزا، ڪنول شوذب، روبينا شاهين، سيمابيا طاهر جو نالو قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن لاءِ ڏنو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪِ انصاف لال چند مالهي جو نالو قومي اسيمبلي ۾ اقليتي سيٽ لاءِ ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته 12 جولاءِ تي سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.