96 سينيٽرن لاءِ هڪ هزار ملازمن جي هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) ملڪ جي ايوان بالا (سينيٽ) ۾ 96 سينيٽرن لاءِ هڪ هزار ملازمن جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي.اهڙو انڪشاف قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبلي جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو.هن چيو ته پارليامينٽ ۾ عملي جي کوٽ ناهي، سياسي مقصدن لاءِ ملازم ڀرتي ڪيا ويا، 96 سينيٽرن لاءِ هڪ هزار ملازم آهن.هن چيو ته پارليامينٽ جي ميمبر جي پگهار 1 لک 70 هزار تائين آهي، پارليامينٽ ميمبر پنهنجا بجلي ۽ گئس جا بل پاڻ ادا ڪن ٿا، ڪم جي لحاظ کان اها سڀ کان گهٽ پگهار آهي. قانون واري وزير چيو ته قومي اسيمبلي جي 20 کان وڌيڪ ميمبرن وٽ سرڪاري رهائشگاهه ناهي، پارليامينٽ جي نون لاجز جو ڪم 80 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي.پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي نئين لاجز تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي سان صلاح مشوري جي سفارش ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.