سنڌ سميت سڄي ملڪ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
عربي سمند مان هوائون اڄ کان ملڪ ۾ داخل ٿينديون، 29 جولاءِ تائين وچ ۽ ڏاکڻن علائقن ۾ پکڙجي وينديون ۽ ملڪ ۾ 27 کان 31 جولاءِ تائين گجگوڙ سان مينهن وسڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي سميت سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ گرمي رهندي جڏهن ته 29 ۽ 30 جولاءِ تي ڪجهه جاين تي گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي.
ڪراچي، حيدرآباد، مٺي، سانگهڙ، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، ٺٽي، سجاول، بدين، سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، شهيد بينظير آباد ۽ دادو ۾ وقفي وقفي سان برسات پئجي سگهي ٿي، لاڳاپيل ادارن کي به الرٽ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.