اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت کي بحال ڪرڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. اسان رياست کي سياست تي اوليت ترجيح ڏئي ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچايو.اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان خيبرپختونخواهه جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير امير مقام، خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته بجلي جي شعبي ۾ سڌارن ذريعي اربين رپين جي چوري کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته چونڊيل نمائندا بجلي چوري روڪڻ لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏين. سڄي ملڪ ۾ زرعي ٽيوب ويلن کي سولر انرجي تي منتقل ڪيو پيو وڃي.وزيراعظم چيو ته تازو ئي غريب ۽ وچولي طبقي کي بجلي جي بلن ۾ وڏو رليف ڏنو ويو آهي. پاڪستان جي معيشت کي بحال ڪرڻ لاءِ تلخ فيصلا ڪرڻا پيا. اسان سياست کي رياست تي اوليت ڏئي ملڪ کي ديوالي ٿيڻ کان بچايو.
-
پي ٽي آءِ وارا آمريڪا جا ڪٺ پتلي آهن: خواجا آصف
اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته هي ماڻهو آمريڪا جا ڪٺ پتلي آهن، جيڪي چاهين ٿا ته پاڪستان ترقي نه ڪري.پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي. تحريڪ انصاف تي پابندي جو فيصلو اتحادين سان مشاورت کانپوءِ ئي ڪيو ويندو. اهو مڪمل طور تي رد نٿو ڪري سگهجي.بچاءَ واري وزير چيو ته برطانيا ۽ آمريڪا پنهنجي مفادن موجب سياست ڪندا آهن. ضروري ناهي ته انهن جا مفاد به پاڪستان جا هجن.