دادو ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو

دادو(ن ع آ ) دادو شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي دشمني تان شاهاڻي برادري جي هڪ ڌر پوليس اهلڪار کي گوليون هڻي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي وارثن ۽ دادو اي سيڪشن پوليس، موندر پوليس جي جوانن جي پهري هيٺ سخت زخمي پوليس اهلڪار محمد امين شاهاڻي کي علاج لاءِ سول اسپتال دادو پهچايو جتان وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد نيو پي ويو ته نوجوان پوليس اهلڪار زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو، ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر سميع الله سومرو پوليس جي وڏي نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو ۽ نوجوان پوليس اهلڪار کي قتل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ دادو پوليس جي مختلف ٿاڻن جي جوانن جي مدد سان آپريشن جي هدايت ڪئي، هن چيو ته هن قتل واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، واضع رهي ته شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گذريل ڪجهه عرصي کان هلندڙ تڪرار جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جي هٿياربندن پلاند ۾ پوليس اهلڪار محمد امين شاهاڻي کي قتل ڪيو آهي، قتل واقعي کان پوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ جي ڪري ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.