ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب آڏو جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جي ڀرتي لاءِ آئي بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون حاصلڪندڙ اميدوارن جو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين مطالبن جي مڃتا لاءِ هٿن ۾ بينر کڻي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن پاران وفد جي صورت ۾ ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ الطاف ساريو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي وئي، وفد ۾ ديدار لغاري، روشن لطيف، آصف کوسو، عبدالرحيم سانگاهه ۽ ٻيا شامل هئا، گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر الطاف ساريو سان ڳالهيون ڪيون ۽ وفد کي خاطري ڪرائي ڇڏي. جنهن بعد اميدوارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪراچي پريس ڪلب آڏو لڳل احتجاجي ڌرڻو ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيون ٿا، ڊپٽي ڪمشنر طرفان اسان جون ڳالهيون ٻڌيون ويون آهن ۽ چيو ويو آهي ته توهان جا مسئلا جلد حل ڪيا ويندا.