آل سنڌ ٽيسٽ پاس ٽيچرس ايڪشن ڪاميٽي ۽ استادن جي تنظيم پ ٽ الف پاران مختلف وقتن ۾ ڀرتي ٿيندڙ ٽيسٽ پاس ڪندڙ ۽ نوان ڀرتي ٿيل استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي. احتجاج ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته مختلف وقتن تي ڀرتي ٿيل استادن کي پڪو نه پيو ڪيو وڃي، جڏهن ته 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ استادن لاءِ هارڊ ايريا وارو شرط ختم ڪيو وڃي، سروس اسٽرڪچر ايڇ ايس ٽي کان سيڪنڊري ۽ پي ايس ٽي مان جي اي ايس ٽي اسڪولن ۾ پروموشن بابت تعليم کاتي پاران اسٽرڪچر جاري نه ڪيو پيو وڃي.
توڙي جو حڪومت جي نمائندن احتجاج ڪندڙ استاد سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پهتا هئا پر اهي کين سکڻن آسرن مان ڪم ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي هو کين ڪيئي ڀيرا اڳ به ڏئي چڪا هئا، آخر سکڻن آسرن تي ڪيستائين ڪنهن کي ماٺ ڪرايو ويندو، حڪومتي نمائندن جو آسرن کان اڳتي وڌي عملي ڪم ڪرڻ وارو رويو نه ڏسي احتجاج ڪندڙ استاد اڳواڻن سندن ڳالهين مان مطمئن نه ٿيا ۽ اهي وزيرا عليٰ هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس جي اٽالن سندن رستو روڪي ورتو ۽ ساڻن چڪريون ٿي پيون، جنهن دوران مٿن تشدد ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي استادن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو، جنهن سبب ويجهڙائي جي علائقن ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ وڌي ويو ۽ بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي هئي.
سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت مان ئي سڀ کان وڌيڪ روزگار جي اميد هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چونڊ نشان تي پنهنجي ووٽ واري مهر هڻي پ پ پ کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڪثريت عطا ڪندا آهن، ته جيئن پاڪستان پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي نوجوانن لاءِ جي مفادن جو تحفظ ڪري ۽ سندن لاءِ روزگار جو ڪو معقول بندوبست ڪري، ان لاءِ سنڌ حڪومت کي نوجوانن جي اميدن تي پورو لهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو سياسي مستقبل نوجوانن سان جڙيل آهي ۽ ان جو منشور به اٽو، لٽو ۽ اجهو ئي آهي، جڏهن ته اهي ٽئي شيون روزگار سان لاڳاپيل پڻ آهن. جڏهن سنڌ جا پڙهيا لکيا نوجوان برسر روزگار هوندا ته کين خود بخود اٽو، لٽو ۽ اجهو ملي ويندو، ان لاءِ سنڌ حڪومت کي طاقت جو استعمال ڪرڻ جي بدران مسئلن جو حل ڳالهين ۾ ئي ڳولڻ گهرجي، ڇو ته طاقت سان ڪنهن جو به آواز دٻائڻ وارو آمراڻو عمل ۽ فارمولو بلڪل ئي ناڪام ٿي چڪو آهي.
پ پ قيادت ۽ سنڌ حڪومت ترجيحي بنيادن تي نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ جو تڪڙو بندوبست ڪري ۽ ان سان گڏ ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن کي پڻ پڪو ڪرڻ سميت سندن ٻيا جائز مطالبا پڻ فوري طور تي پورا ڪرڻ جي حڪمت علمي تيار ڪري ته جيئن احتجاج ڪندڙ استادن مان بيچينيءَ ختم ٿئي ۽ هو پوليس هٿان ٿيندڙ تذليل کان بچي سگهن.
ٻه ڏينهن اڳ يعني اڱاري تي ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ سوهو ڪناسرا ۾ هڪ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو، تفصيل موجب کجي مان ڏوڪا پٽڻ جي معمولي ڳالهه تان الطاف حسين، راجا ۽ شعيب ڪناسري پورهيت غلام فريد ڪناسرو کي ڏنڊا هڻي نهايت ئي بيدردي سان ماري ڇڏيو.
ڪيڏي نه تعجب جي ڳالهه آهي ته سنڌ جا ماڻهو جيڪي پنهنجي انسان دوست روين، رحم دلي ۽ مهمان نوازي سبب ڏيهان ڏيهه مشهور هئا، اهي هاڻ پنهنجا سڀئي اخلاقي قدر وڃائيندا ۽ وحشت ڏانهن تيزي سان وڌندا وڃن ٿا، سنڌ جا ماڻهو جيڪي پنهنجي فصلن ۽ رزق ۾ پکي پکڻ، جيت جڻو ۽ جانورن جو حصو سمجهندا هئا، اڄ اهي کجيءَ مان ٻه چار ڪڻا ڏوڪا پٽڻ تان هڪ انسان کي مارڻ جي حد تائين به وڃي نڪتا آهن. سنڌ جا ماڻهو ! جيڪي ڪو جانور ذبح ڪرڻ سان اڳ ڪاتيءَ کي چڱي طرح تکو ڪندا هئا ته جيئن ڪسڻ وقت جانور کي گهڻي اذيت مان نه گذرڻو پوي، اهي اڄ ايتري قدر بي رحم ۽ وحشي ٿي چڪا آهن، جو فصل ۾ ڪاهي پوڻ سان هڪ بي زبان جانور، ڏاچي کي ڪهاڙيون هڻي سندس ڄنگهه ئي ڪپي ڇڏي. سنڌي ماڻهو تاريخ ۾ امن پسند ۽ رحم دل ان لاءِ رهيا آهن جو اهي جانورن تي رحم ڪندا هئا، مهاتما گانڌي چيو هو ته جيڪي ماڻهو جانورن تي رحم ناهن ڪندا اهي ڪنهن تي به ڪو قياس ناهن ڪندا.
مڃون ٿا، ڪنهن جي باغ مان بغير اجازت جي ڪو ڦل فروٽ پٽڻ اخلاقي طور غلط آهي پر ان جي پاداش ۾ ڪنهن کي لٺيون ۽ ڏنڊا هڻي کيس ماري ڇڏڻ کليل دهشتگردي ۽ وحشي پڻو آهي، جيڪو سنڌي سماج ۾ خطرناڪ رخ اختيار ڪري رهيو آهي، جنهن جا مستقبل ۾ ڀيانڪ نتيجا سامهون ايندا. ان لاءِ پورهيت غلام فريد ڪناسرو جي بي رحماڻي قتل ۾ ملوث جوابدارن تي داخل ڪيل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا وڃن ته جيئن سنڌ ۾ وڌندڙ وحشيت ۽ حيوانيت کي ٻنجو اچي سگهي ۽ سنڌي سماج امڪاني ۽ اخلاقي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيڻ کان بچي سگهي.