پاڪستان شماريات بيورو جي تازي رپورٽ موجب ملڪ جي آبادي 24 ڪروڙ 90 هزارن تائين پهچي وئي آهي، آبادي ۾ واڌ جي شرح 2.55 سيڪڙو آهي جيڪا خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. جيڪڏهن اها رفتار جاري رهي ته 2050 تائين آبادي ٻيڻي ٿي ويندي. آبادي ۾ واڌ جي شرح پنجاب ۾ 2.53 سيڪڙو، سنڌ ۾ 2.57 سيڪڙو، خيبر پختو نخواهه ۾ 2.38 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 3.2 سيڪڙو آهي. ڪل آبادي جو 51.48سيڪڙو مرد ۽ 48.51 سيڪڙو عورتون آهن. پوري دنيا ۾ صرف سب صحارا آفريڪا جي پاڪستان کان وڌيڪ شرح آهي. باقي دنيا ۾ پاڪستان آبادي ۾ واڌ جي لحاظ کان مٿي آهي.
ھن دفعي ٿيل ڊجيٽل آدم ڳڻپ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط نه ھجڻ ڪري خاص طور تي ڪراچي ۾ رھندڙ افغاني، بنگالي، جن وٽ جعلي سڃاڻپ ڪارڊ آھن اھي به ھتان جا شھري بنجي ويا آھن. جيتوڻيڪ ھن آدمشماري ۾ افغانين، چينين توڙي ٻين جي لاءِ الڳ خانن ۾ ڳڻپ ڏيکاري وئي آھي پر ان جوتعداد نه ھئڻ جي برابرظاھر ٿيو آھي.
آدم ڳڻپ ۾ ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي جيڪا 2017ع ۾ %42 هئي ان کي هن ڀيري %50.62 ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي آبادي 2017ع ۾ %10.67 هئي اها %11.2 ڏيکاري وئي آهي. ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي پنجن سالن اندر آدم ڳڻپ ۾ 8 سيڪڙو واڌ ڏيکاري وئي آھي جيڪا گذريل 1998 کان وٺي مسلسل گهٽ ٿي رھي ھئي. ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي 1981 ۾ وڌ کان وڌ يعني 54 سيڪڙو ھئي، جيڪا 1998 ۾ 48.52 سيڪڙو ھئي، 2017 ۾ 6.22 سيڪڙو جي گهٽتائي سان 42.30 ٿي، ان ۾ ھاڻي پنجن سالن ۾ 8.32 سيڪڙو جي واڌ ڏيکارڻ سان 2023 جي ڊجيٽل آدمشماري کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آھي جنھن جي منظوري 5 اگسٽ 2023 تي اسلام آباد ۾ وزيراعظم شھباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل گڏيل مفادن وار ڪائونسل ۾ ڏني وئي، جنھن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پڻ شرڪت ڪئي ھئي.
ڊجيٽل آَدمشماري تي سنڌ جي ماڻھن کي شروع کان ئي خدشا ھئا،مٿان وري ڳڻپ جي عمل کي وفاقي حڪومت مڪمل نه ٿي سگهڻ جو بھانو بنائي پنج دفعا واڌارو ڪري سموري عمل کي مڪمل طور تي تڪراري بڻائي ڇڏيو.
چيف ڪمشنر سينسس نعيم ظفر صاحب ڳڻپ جي عمل ۾ واڌاري کان پھرين پريس ڪانفرنس ۾ واضع چيو ته پوري صوبي جي آبادي 5 ڪروڙ 79 لک، ڪراچي جي آبادي ھڪ ڪروڙ 73 لک ظاھر ٿي آھي، جيڪا 98.58 سيڪڙو مڪمل آھي يعني ڏيڊ سيڪڙو آبادي جي ڳڻپ رھجي ٿي.
ھاڻي جڏھن آدمشماري جا حتمي انگ اکر جاري ڪيا ويا آھن تڏھن پوري سنڌ صوبي جي آدمشماري 5 ڪروڙ 56 لک ڏيکاري وئي آھي جيڪا پھرين ظاھر ڪيل ڳڻپ کان 26 لک گھٽ آھي، ٻئي طرف ڪراچي جي آبادي جيڪا ھڪ ڪروڙ 73 لک ٻڌائي وئي ھئي ان ۾ تقريبن 14 لکن جو اضافي سان ھڪ ڪروڙ 88 لک 58 ھزارظاھر ڪئي وئي آھي، جڏھن ته ڪراچي کانسواءِ ٻين ضلعن جي تقريبن 35 لک گهٽ ڳڻپ ڏيکاري وئي آھي.جن ۾ لاڙڪاڻو، خيرپور، جيڪب آباد، شڪارپور۽سانگهڙ شامل آھن. جيڪا سنئين سڌي ” ڊيموگرافڪ انجنيئرنگ“ آھي. سنڌ جي آبادي ۾ 1947 کان وٺي ڌارين جي آبادي ۾ مسلسل اظافو ٿيندو رھيو آھي۽ سنڌي آبادي جو تناسب گھٽجندو رھيو آھي. جنھن جي 2017 جي اليڪشن ۾ پھريون دفعو چئني صوبن ۾ آبادي جي تناسب سان قومي اسيمبلي سيٽن ۾ ڦيرڦارڪئي وئي. نتيجي ۾ پنجاب جون تاريخ ۾ پھريون دفعو 7 قومي اسيمبلي جون سيٽون گهٽايون ويون جيڪي صوبي خيبرپختونخوا۽بلوچستان ۾ شامل ڪيون ويون.جڏھن ته سنڌ جون قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جو سيٽون ساڳيون برقرار رکيون ويون پر انھن سيٽن جي ورڇ ڊويزن وائيز ڪئي وئي. نواب شاھ، نوشھري فيروز ۽ شڪارپور جي ھڪ ھڪ سيٽ گهٽ ڪري ٻه سيٽون ڪراچي ڊويزن، ھڪ سيٽ 2017 جي آدمشماري ۾ خيرپور ضلعي جي وڌيڪ ڳڻپ ھجڻ جي ڪري ان ۾ شامل ڪئي وئي، جيڪب آباد، ڪشمور جي قومي اسيمبلي جي ھڪ سيٽ پڻ ڪراچي ۾ شامل ڪئي وئي.
ساڳي طرح 2024 جي اليڪشن ۾ 2023 واري پنجن سالن کان پوءِ واري اليڪشن ۾ آبادي جو سبب ڄاڻائي سانگهڙ جي قومي اسيمبلي جي ھڪ سيٽ، ٻه صوبائي اسيمبليون جون سيٽون ھڪ خيرپور، ھڪ سانگهڙ جي ڪراچي ڊويزن جي آبادي ۾ ٿيل واڌ وارو سبب ڄاڻائي ڪراچي ۾ شامل ڪيون ويون. بدقسمتي سان ڪراچي جي وڌندڙ ڳڻپ ھاڻي سنڌ جي ڪراچي کانسواءِ ٻين ڊويزنن توڙي ضلعن جي سيٽن کي گهٽائي رھي آھي. قوي امڪان آھي ته 2023 جي ھن آيل آدمشماري جي آڌار تي جيڪي نيون تڪبنديون ٿينديون انھن ۾ به ٻين ڊويزنن جون سيٽون گهٽ ٿينديون. تنھنڪري ھاڻي سياسي ڪشمڪش سنڌ ۾ شھري ۽ ٻھراڙي جي حوالي سان وڌندي.
2023 جي آدم ڳڻپ ۾ سالياني واڌ جي شرح بلوچستان ۾ 3.20، سنڌ 2.57، پنجاب 2.53 ۽ خيبر پختونخواھ 2.38 ظاھر ڪئي وئي آھي.2023 جي آدمشماري جي انگن اکرن مطابق صوبن جي شيئر ۾ پنجاب جو 2017 ۾ 53.0 ھو جيڪو 2023 ۾ گهٽجي 52.9، سنڌ 2017 ۾ 23.00 جيڪو معمولي واڌ سان 53.1، خيبرپختونخواھ جو 2017 ۾ 17.1.ھو ھاڻي 16.9، جڏھن ته بلوچستان جو شيئر 2017 ۾ 16.9 سيڪڙو ھو اھو ھاڻي وڌي 17.1 سيڪڙو ٿيو آھي.
2023 جي آدمشماري جي آيل انگن اکرن ۾ سنڌ صوبو وڌ کان وڌ شھري آبادي رکندڙ 53.97 سيڪڙو ظاھر ٿيو آھي جڏھن ته ٻي نمبر تي اسلام آباد جي شھري آبادي 46.91، پنجاب شھري 40.71، خيبرپختونخواھ صرف 15.01 سيڪڙو، بلوچستان 30.96 شھري آبادي تي مشتمل صوبو ڏيکاريو ويو آھي. پاڪستان جي 22 وڏن شھرن جن جي آبادي 5 لک يا ان کان وڌيڪ آھي انھن ۾سنڌ جا صرف چار شھر ڪراچي، حيدرآباد، سکر۽لاڙڪاڻواچي سگهيا آھن.
2023 جي ڳڻپ ۾ پاڪستان ۾مادري ٻولين ۾ سڀ کان وڌيڪ فرق اردو آبادي جو ڏيکاريوويو آھي جنھن مطابق اردو ڳالھائيندڙ 2017 ۾ 7.25 سيڪڙو ھئا اھي ھاڻي 2017 ۾ وڌي 9.25 سيڪڙوڄاڻاياويا آھن. سنڌي 2017 ۾ 14.57سيڪڙو ھئا، ھن آدمشماري 2023 ۾ 14.31 سيڪڙو، پشتو ڳالھائيندڙ 2017 ۾ 18.24 سيڪڙو 2023 ۾ 18.15 سيڪڙو، بلوچ 2017 ۾ 3.2 سيڪڙو، 2023 ۾ 3.23 سيڪڙو، سرايڪي ڳالھائيندڙ 2017 ۾ 12.19 سيڪڙو، 2023 م 12 سيڪڙو، براھوي 2017 ۾ 1.24 سيڪڙو ، 2023 ۾ ۾1.16 سيڪڙو ڏيکاريا وي آھن.
2023 جي آدم ڳڻپ ۾ ملڪ جي شرح خواندگي ۾ اسلام آباد 84 سيڪڙو، پنجاب 66 سيڪڙو، سنڌ 58 سيڪڙو، خيبرپختونخواھ 51 سيڪڙو۽ بلوچستان جي شرح صرف 42 سيڪڙو ظاھر ٿي آھي.ٻئي طرف پاڪستان شماريات بيورو وارن جو چوڻ آھي ته 2023 جي آدم ڳڻپ جا ڪجھ وڌيڪ اھم نتيجا جن ۾ تعلقي وائيز ڳڻپ توڙي ٻوليون ڳالھائيندڙن جو تعداد، تفصيل سان تمام جلد ظاھر ڪيو ويندو.