ڌرتي ڌڻين کان ڌرتي ڇڏائڻ جي ڪوشش

تحرير: شاهجهان خاصخيلي 

سنڌ گذريل طويل عرصي کان هڪ طرف خراب حڪمراني جو عذاب ڀوڳي رهي آهي ته ٻي طرف لاقانونيت ۽ بدامني جي باھ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا شهرين جو تحفظ ڪرڻ ۽ امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچن ٿا،ماڻهو پنهنجن گهرن،ڳوٺن ۽ شهرن ۾ به محفوظ ناهن، هاڻ ته هتي هر ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو، سڀ کان وڌيڪ سنڌي هندو عدم تحفظ جو شڪار آهن، بدامني جي باھ ۽ خراب حالتن سبب سوين هندو خاندان سنڌ ڇڏي چڪا آهن،ڪيڏي نه دل کي ڌوڏيندڙ ۽ افسوسناڪ صورتحال آهي جو سنڌ جا اصل رهاڪو هندو خاندان جيڪي بدامني جي عذاب ۽ پاڻ سان ٿيندڙ ظلمن سبب پنهنجا اباڻا پَٽ ۽ جنم ڀومي ڇڏي مجبورن ڀارت لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن پر وقت جي حڪمرانن جي ضمير کي رتي برابر به چهنڊڙي نٿي پوي ته آخر هي حالتون ڪهڙي طرف وڃي رهيون آهن؟ ڇا هي حالتون رياست ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان به ڪنٽرول ٿيڻ جوڳيون ناهن؟ ڇا هاڻ انهن ادارن ڌاڙيلن ۽ ڦورن آڏو هٿيار ڦٽا ڪري عوام کي انهن جي ئي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي؟

هيستائين ڪنڌڪوٽ، شڪارپور،سکر ۽ جيڪب آباد سميت سنڌ جي مختلف ضلعن مان بدامني کان تنگ اچي ڪيترائي هندو خاندان پنهنجا گهر،ڪاروبار ۽ اباڻا پَٽ ڇڏي روئندڙ اکين سان پاڙيسري ملڪ ڀارت روانا ٿي چڪا آهن جيڪو انتهائي افسوس جوڳو ۽ جيَ کي جهوريندڙ معاملو آهي،مئي جي مهيني ۾ به ضلعي جيڪب آباد جي شهر ٺل واسي هندو ڪٽنب ڌيرج ڪمار پنهنجن گهرڀاتين ۽ سڄي خاندان سميت لڙڪ لاڙيندو هميشه لاءِ پنهنجي جنم ڀومي کي الوداع ڪري هندستان روانو ٿي ويو آهي، نوجوان ڌيرج ڪمار جو چوڻ هو ته پنهنجي جنم ڀومي ڇڏڻ ڏکيو آهي پر بدامني سبب هتي روزگار ڪرڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي جنهن سبب مجبورن سنڌ ڇڏي ڀارت وڃي رهيا آهيون، ان موقعي تي پنهنجو ديس ڇڏيندڙ هندو خاندان روانگي وقت مٽن مائٽن ۽ دوستن کان لڙڪن ۽ سڏڪن ۾ موڪلاڻي ڪئي جنهن تي روانگي وقت انهن کان موڪلائيندڙ هر اک آلي ٿي وئي، ان کان اڳ ڪنڌڪوٽ ڪرمپور واسي ڪپڙي جو واپاري آڪاش مڪڙيا خاندان سميت جنم ڀومي ڇڏي ڪرمپور کان لاهور رستي ڀارت روانو ٿي ويو، ان موقعي تي آڪاش ڪمار جو چوڻ هو ته سنڌ سان بي انتها محبت وارو رشتو آهي ڌرتي ماءُ کي ڇڏڻ مشڪل آهي پر هتي بدامني جي خوف گهڻو پريشان ڪيو آهي، خوف سبب اسان هتي ڪاروبار به نٿا ڪري سگهون،گهرڀاتي سدائين خوف ۾ ورتل رهن ٿا بدامني کان تنگ اچي پنهنجو ديس ڇڏي ڀارت وڃي رهيا آهيون، انهن کان اڳ ڪنڌڪوٽ ڪرمپور واسي ٻه ٻيا خاندان پڻ سنڌ ڇڏي ڀارت هليا ويا اجئي ڪمار وڃڻ کان پهرين سنڌ جي مٽي کي آخري سجدو ڪري ٻن خاندانن سميت ڀارت هليا ويا ۽ ويندي ويندي سنڌ جي مٽيءَ کي به پاڻ سان گڏ هڪ شيشي ۾ وجهي کڻي ويو…

اهو ڏکوئيندڙ سلسلو مسلسل جاري آهي،ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو آهي ته 22 جولائي تي جيڪب آباد واسي سنديپ ڪمار،روي ۽ پرديپ سميت وڌيڪ 5 هندو خاندان پنهنجن 21 گهرڀاتين سان گڏ بدامني کان تنگ اچي هميشه لاءِ ڀارت لڏي هليا ويا آهن، پنهنجي جنم ڀومي ڇڏي ڀارت ويندڙ سنديپ ڪمار ۽ ٻيا ريلوي اسٽيشن تي شهر واسين کان موڪلائيندي اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا، ان موقعي تي سنديپ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هڪ گهر کان ٻي گهر منتقل ٿيڻ جو عمل ڏکارو هوندو آهي، اسان ته ملڪ ڇڏي وڃون پيا، ان کان سواءِ وڌندڙ بدامني ۽ ڀتاخوري سبب هلندڙ سال اهڙا ٻيا به سوين هندو خاندان لڏپلاڻ ڪري هميشه لاءِ ڀارت هليا ويا آهن، لڏپلاڻ جو اهو ڏکوئيندڙ سلسلو مسلسل جاري آهي رپورٽون آهن ته وڌيڪ ڪيترائي هندو خاندان پڻ سنڌ ڇڏي ڀارت وڃڻ لاءِ تيار آهن!

سوال اهو آهي ته سنڌ سان محبت ڪندڙ سنڌ جا اصلوڪن رهاڪو هندو ڪميونٽي جي لاءِ اهڙو تنگ ماحول ڇو پيو پيدا ڪيو وڃي؟ هندن جي حقن جي تحفظ ۽ سندن نمائندگي لاءِ پاڪستان هندو ڪائونسل جهڙا ٺهيل ادارا ۽ اقليتن جي ڪوٽا تي تي چونڊيل اسيمبلي ميمبر، سينيٽر ۽ وزير آخر هن اهم معاملي تي ڇو خاموش آهن؟ اهي هندن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف پنهنجن فورمن تي آواز ڇو نٿا اٿارين؟ ڇا وقت جا حڪمران به ڌاڙيلن ۽ ڦورن سان ڳٺ جوڙ ۾ آهن؟ رياست هن اهم مسئلي تي آخر ڪيستائين خاموش تماشائي بڻيل رهندي؟؟

سنڌ جي سمورن سڄڻن،وڪيلن،صحافين،اديبن، قلم ڌڻين ۽ باشعور نوجوان طبقي کي اپيل آهي ته اهي ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي عذاب ۾ ورتل سنڌي هندو ڪميونٽي جي سنڌ ڇڏڻ واري اهم مسئلي تي ڀرپور آواز اٿارين ۽ سنڌ جي اصلوڪن رهواسين سان ايڪتا جو اظهار ڪري انهن جي وارثي ۽ مالڪي ڪن ته جيئن سنڌ سان محبت ڪندڙ ۽ سنڌ جا قديم رهاڪو اوپرائپ محسوس ڪرڻ ۽ پنهنجو ديس ڇڏڻ بجاءِ هتي ئي رهي پنهنجا ڪاروبار ڪري سگهن، رياست کي به هن اهم مسئلي جو نوٽيس وٺي لاڳاپيل ضلعن سميت سموري سنڌ ۾ بدامني جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ۽ ضروري قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن سنڌ واسي پنهنجي جنم ڀومي ڇڏڻ بجاءِ پرسڪون ۽ پرامن ماحول ۾ زندگي بسر ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.