اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي جو اصولي فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ان اعتراف کي ڪيترائي ماڻهو ڏسي رهيا آهن، حڪومت پاران پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جون ڪوششون تيز ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته ابتدائي جاچ ۾ پڌرو ٿيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اطلاعات واري سيڪريٽري رئوف حسن جا ملڪ دشمن عنصرن سان رابطا هئا. پنهنجي هڪ بيان ۾ عطا تارڙ چيو ته رئوف حسن پي ٽي آءِ جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ جو ملازم آهي جتي ساڍا 7 لک رپيا پگهار ملندي هئي.هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ڊيجيٽل ميڊيا ونگ کان ڪجهه هدايتون هتان کان ٻاهر وڃي رهيون هيون ۽ ڪجهه ٻاهر کان اندر اچي رهيون هيون. هن چيو ته ابتدائي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته رئوف حسن جا ملڪ دشمن عنصرن سان رابطا هئا. عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف تي پابندي جو اصولي فيصلو برقرار آهي ۽ ان حوالي سان پيپلز پارٽي سان مشاورت به مڪمل ڪئي وئي آهي.