ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 2021 جي اميدوارن پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، جنهن دوران مظاهرين ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن سبب مختلف علائقن ۾ ٽريفڪ جام ٿي وئي.شاهين ڪمپليڪس، آءِ آءِ چندريگر روڊ، گورنر هائوس ۽ پريس ڪلب جي چوڌاري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ جام ٿي وئي، جنهن سبب شهري پريشان ٿي ويا، ڪيترائي ايمبولينس ۽ گاڏيون ٽريفڪ ۾ ڦاسي پيا، سخت گرمي ۾ گاڏين ۾ سوار عورتون، ٻارڙا توڙي بزرگ پريشانين کي منهن ڏيندا رهيا، اڪثر گاڏين مان پيٽرول ختم ٿيڻ سبب شهري پنهنجي گاڏين کي ڌڪا ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا، ٻئي طرف ٽرئفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته ٽرئفڪ جي بحالي لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن.