مخصوص سيٽون جنهن جو حق آهي ان کي ملڻ گهرجن: نديم افضل چن

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پيپلزپارٽي اڳواڻ نديم افضل چن چيو آهي ته مخصوص سيٽون جنهن جو حق آهي ان کي ملڻ گهرجن، هن چيو ته جيڪڏهن اسان جو ووٽ ناهي ته اسان کي به مخصوص سيٽون نه ملن، هن چيو ته پيپلزپارٽي نه هجي ها ته پي ٽي آءِ تي 3 سال اڳ ئي پابندي لڳي چڪي هجي ها ۽ پي ٽي آءِ کي دهشتگرد تنظيم ڊڪليئر ڪيو وڃي ها، هن چيو ته سياسي جماعتن کي سياسي جماعت طور ڊيل ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته پيپلزپارٽي جي اها سوچ آهي ته جنهن سياسي پارٽي جو رويو آمراڻو آهي ان کي قومي ڌاري ۾ اچڻ جو موقعو ڏنو وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.