گيس اگهه نه وڌڻ سبب گردشي قرض 3 هزار ارب ٿي ويا

اسلام آباد(م ڊ) پيٽروليم بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران گيس سيڪٽر ۽ پي ايس او بابت خطرناڪ انڪشاف  سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ڪميٽي جي اجلاس ۾ گيس سيڪٽر جي وڏن گردشي قرض جو معاملو اٿاريو ويو. ايم ڊي پي ايس او انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ادارو تباهه ٿي ويو آهي، اهي سرڪاري ڪمپنيون جن کان 8 سئو ارب رپيا بقايا وصول ڪرڻا هئا، اهي ڏيوالي جو شڪار ٿي ويا آهن.اجلاس ۾ پيٽروليم واري وزارت جي آفيسرن طرفان چارج شيٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2013ع کان 2023ع تائين گيس جي قيمتن ۾ واڌ نه ٿيڻ سبب گردشي قرض 1700 ارب رپين جي اضافي سان 2 هزار 897 ارب رپين تائين پهچي ويا آهن، گئس جي سرڪاري خريد ۽ وڪري ۾ ساليانو 800 ارب رپين جو فرق آهي. پيٽروليم واري وزارت جي عملدارن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته رڳو ٽن وڏين ڪمپنين تي 2752 ارب رپيا قرض آهن، جيڪو مجموعي گردشي قرض جو 95 سيڪڙو آهي، ڪميٽيءَ کي ڪجهه سٺيون ڳالهيون به ٻڌايون ويون. تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ 5 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو امڪان آهي. سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جنوري 2025ع ۾ شروع ٿيندي، جنهن لاءِ 24 بلاڪن لاءِ لائسنس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. چين جي سرڪاري ڪمپنين کي به تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ قائل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.