سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول لاءِ راهه هموار ٿي وئي

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت فائر وال جي ٽرائل ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي جنهن سان ملڪ ۾ سوشل ميڊيا تي حڪومتي ڪنٽرول لاءِ راهه هموار ٿي وئي آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق گهرو وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته سوشل ميڊيا تي فائر وال لڳائڻ جو ٽرائل ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويو آهي، حڪومت فائر وال جي موبائيل ڊيٽا تي لڳائي چيڪ ڪيو آهي، ٽرائل دوران فائر وال ذريعي سوشل ميڊيا تي تصويرون اپ لوڊ ڪيون ويون. فائر وال ذريعي آواز جي رڪارڊنگ ۽ وڊيو ڊائون لوڊ بند ڪئي وئي، ان سان گڏ موبائل سگنلز ۽ انٽرنيٽ سروس جي رفتار به گهٽائي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽرائل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ واٽس اپ ۽ فيس بڪ کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويو آهي، ان کان سواءِ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) به سمورين موبائيل فون سروس ڪمپنين کي اي ميل موڪلي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ ان کي ڪليئرنس جاري ڪيو ويو آهي ٽرائل جي ڪاميابي سان ايندڙ مرحلي ۾ حڪومت فائر وال جي خريداري لاءِ اشتهار جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ فائر وال لڳائڻ لاءِ ٻوليون به طلب ڪيون ويون آهن، ٻڌائيندا هلون ته فائر وال سسٽم خاص طور تي انٽرنيٽ گيٽ ويز تي لڳايو ويو آهي جتان انٽرنيٽ کي اپ لنڪ ۽ ڊائون لنڪ ڪيو ويندو آهي، ان جو مقصد انٽرنيٽ ٽريفڪ کي فلٽر ڪرڻ هوندو آهي، ان فائر وال جي مدد سان ناپسنديده ويب سائيٽس، سوشل ميڊيا پليٽ فارمن ۽ مخصوص مواد کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. , اهڙي ڪنهن به مواد کي فائر وال جي مدد سان بلاڪ ڪري سگهجي ٿو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.