ڊي جي آءِ ايس پي آر امن مارچ کي غلط رنگ ڏنو: بنون جرڳو

بنون(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون جي قبائلي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس ذريعي امن مارچ کي غلط رنگ ڏنو، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا.جرڳي جي اڳواڻن چيو آهي ته عوام جي پرامن آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڇاڪاڻ ته ماڻهو ڪنهن پارٽي جي نالي تي نه پر امن جي نالي تي ٻاهر نڪتا آهن.جرڳي جي اڳواڻ ناصر بنگش پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وفاقي وزير عطاءُ تارڙ ۽ ن ليگ اڳواڻ امير مقام جي بيانن جي مذمت ڪريون ٿا هنن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي ۽ پنهنجا لفظ واپس وٺڻ گهرجن. هن چيو ته اهڙن بيانن سان بنون جي عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو پيو وڃي.پريس ڪانفرنس ڪندي علماءِ امام مدرسه جي سربراهه مولانا عبدالغفار قريشي چيو ته امن مارچ مقامي ماڻهن جي جذبن جو عڪاسي آهي، سوچڻ گهرجي ته ماڻهو اهڙي ريت ڇو نڪري آيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.