وڏو وزير اڄ ڪلوئي ڀرسان زيرو پوائنٽ پهچندو، جلسو رٿيل

ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊ ) وڏو وزير سيد مراد علي شاهه هاڪڙو پراڻ ۽ ايل بي او ڊي سم نالي جي هلندڙ ڪم جو افتتاح ڪرڻ لاءِ اڄ صبح 9 وڳي سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سميت بدين جي نيوي موڙ وٽ پهچندو، جتان هو گاڏين جي قافلي ۾ زيرو پوائنٽ وٽ 9 ارب رپين جي لاڳت سان سائفن جي ڪم جو جائزو وٺندو، ان موقعي تي جلسو به رٿيو ويو آهي، جلسي جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، پ پ ايم پي اي ارباب لطف الله رات جلسي گاهه ۾ پهچي انتظامن جو جائزو ورتو،  ٻي پاسي اڳوڻي ضلعي ناظم ارباب انور ميٽ دي پريس ڪندي چيو آهي ته ڍورو پراڻ نارو عمرڪوٽ ڪنري کان اچي 262 تي ايل بي او تي ملي ٿي جتي ايل بي او ڊي سم نالي بلاڪ ٿيل آهي جنهن ڪري مٿي سمورو علائقو ٻڏي ٿو ان کي ڪجهه به نه ڪيو ويوم جيڪو اڄ به ساگي پوزيشن ۾ برقرار آهي، هن چيو ته غلط پلاننگ سبب امڪاني تيز برساتن سبب علائقو سمنڊ جو ڏيک ڏيندو، هوڏانهن هاڪڙو پراڻ ۽ ايل بي او ڊي سم نالي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جون ميڊيا ۾ خبرون لڳڻ کان پوءِ ايل بي او ڊي سم نالي جي سرويئر ناصر جٽ مڇرجي کوسڪي ٿاڻي تي ڇهين مهينن کان کٽ تي پيل يوسي چيئرمين مولا بخش لنڊ سميت ڇهين ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرايو، جنهن کان پوءِ ڪالهه ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بدين جي عدالت اڳوڻي يوسي چيئرمين مولا بخش لنڊ سميت ڇهين ئي جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، هوڏانهن مقامي وڏيرن ۽ ايل بي او ڊي سم نالي جي سرويئر ناصر جٽ ۽ هاڪڙو پراڻ جي ڪامورن خلاف اڄ وڏي وزير اڳيان ڳوٺاڻن سخت احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.