عمران جي ايڇ ڪيو آڏو احتجاج جو اعتراف ناهي ڪيو: سلمان راجا

اسلام آباد(م ڊ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ باني جي وڪيل سلمان اڪرم راجا جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني 9 مئي جي حوالي سان ڪنهن به ڳالهه جو اعتراف نه ڪيو آهي، زمان پارڪ ۾ رينجرز جي ڪارروائي کانپوءِ متفقه فيصلو ڪيو ويو ته احتجاج اتي ٿيڻ گهرجي، جتي ضروري هجي، پوءِ اهو جي ايڇ ڪيو هجي يا ڪا ٻي آفيس.اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان جي ڀلائي لاءِ ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهيون، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ افراتفري نه ٿئي ۽ ملڪي معيشت ترقي ڪري، عوام غربت ۽ مهانگائي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، ملڪ ۾ جيڪو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي اهو تباهي طرف وٺي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.