اڄ اسان هڪ اهڙي مثالي استاد جي ذات جو ذڪر ڪندي سندس ڳُڻ ڳائي رهيا آهيون، جيڪو هڪ عظيم تعليمدان هئڻ سان گڏوگڏ سنڌي شاعريءَ ۾ ”روايتي غزل“ واري دؤر جو هڪ ٻهڳڻو شاعر، نثر نويس، چترڪار، صحافي، سوشل ورڪر ۽ موسيقي شناس به هو. جنهن کي ادب جي دنيا، قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جي نالي سان سُڃاڻي ٿي، جيڪو شاعريءَ ۾ پنهنجي استاد، الله بخش ”سرشار“ عقيليءَ جي نسبت سان شروع وارا ڳچ سال ”قائل سرشاريءَ“ جي نالي سان تنهن دؤر جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبو رهيو. ضلعي لاڙڪاڻي جي اهم شهر، رتيديري جو قاضي ڪٽنب سنڌ جي علمي، ادبي توڙي صحافتي حلقن ۾ پنهنجي ساهتي خدمتن جي حوالي سان هر ڪنهن لاءِ ڄاتل سُڃاتل رهيو آهي.
هن خانوادي ۾ جيتوڻيڪ آڳاٽي دؤر ۾ قاضي خوش محمّد ۽ ٻين سميت ڳچ اهلِ علم، اهلِ ادب، صاحبِ طرز شاعر، اديب ۽ پڙهيا ڳڙهيا سپورنج ٿي گذريا آهن، پر 19هين صديءَ جي آخر ۽ 20هين صديءَ جي شرُوعات ۾ سنڌيءَ سميت فارسيءَ ۽ عربيءَ جي پنهنجي اسلوب واري شاعر، قاضي عبدالحق جو نالو ويجهي ماضيءَ ۾ هن خاندان جي چشم ۽ چراغ جي طور تي واضح انداز ۾ نظر اچي ٿو، جيڪو ”عبد“ تخلص ڪندو هو، برجستو ڪلام چوندو هو ۽ پنهنجي علمي ادبي خدمتن جي حوالي سان پنهنجي خاص سُڃاڻپ رکندڙ هو. سندس ان ادبي ورثي کي اڳتي وڌائيندڙ، سندس ٻيو نمبر فرزند، قاضي عبدالحيّءُ ”قائل“ بڻيو، جنهن پنهنجي پُوري ڄمار علم، ادب، تعليم، صحافت ۽ سماجي خدمتن جي ميدان ۾ نمايان خدمتُون انجام ڏئي، سماج جو بي لوث ڀَلو ڪيو. قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ جو نالو نه رڳو ذڪر ڪيل شعبن جو هڪ روشن حوالو آهي، بلڪه هو هڪ عظيم انسان طور به اڄ سوڌو سڃاتو وڃي ٿو ۽ رتيديري ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ اڄ به ”سائين قاضيءَ“ مان مراد قاضي ”قائل“ ئي آهي.
جيئن مٿي ذڪر ٿيو ته، سخن جي ديس جي صحرا نورديءَ ۾ سرشار عُقيلي سندس رهنما بڻيو، جڏهن ته چترڪاريءَ جي شعبي ۾ سنڌ جي نامياري آرٽسٽ، ع.ق.شيخ کيس نقش چٽڻ ۽ رنگن جي درست استعمال جي آشنائي ڏني. سنڌي ادب جي ان روايتي دؤر ۾ مخدوم طالب الموليٰ، سام جئه سنگهاڻي، منصور ويراڳي، احسن الهاشمي، عبدالڪريم گدائي، پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمّد حامي، شيخ عبدالرزاق ”راز“، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شمشيرالحيدري، رشيد ڀٽي، استاد بخاري، تنوير عبّاسي، تاج صحرائي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ظفر ڪاظمي، علي احمد بروهي، علي نواز وفائي، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪامريڊ برڪت علي آزاد وغيره ”قائل“ صاحب جي همعصر شاعرن ۽ نثر نويسن ۾ شمار ٿين ٿا، جن سان سندس ادبي ساٿ، دوستي ۽ خط و ڪتابت به رهي. قاضي صاحب جي قائد ِ اعظم محمّد علي جناح ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ڪيل خط و ڪتابت به هن خطي جي تاريخ جي حوالي سان اهم دستاويز طور محفوظ آهي. قاضي صاحب جي شاعري توڙي نثر، روزاني ”هلال ِ پاڪستان“، روزاني ”آفتاب“، هفتيوار ”آزاد“، هفتيوار ”روشن طب“ دادو وغيره سميت ان زماني جي لڳ ڀڳ سڀني معروف اخبارن توڙي جريدن ۾ ڇپبجندي رهي. قاضي ”قائل“ سرشاري، سنڌي غزل توڙي نظم جو اهم شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ بيان توڙي فصاحت جُون سمُوريون خوبيون موجُود آهن. سندس سخن، شاعريءَ جي اعلى گُڻن سان سينگاريل آهي.”قائل“ سرشاريءَ وٽ گل ۽ بلبل، حسن ۽ عشق، فراق ۽ وصال، لُڙڪن ۽ مُرڪن جهڙن روايتي موضوعن جو ته ذڪر آهي ئي، پر هو پنهنجيءَ قوم جي نؤجوانن کي سجاڳيءَ جو سڏ ڏيڻ به پنهنجو فرض سمجهي ٿو:
ڇڏي اڄ خواب غفلت کي ذرا بيدار ٿي سنڌي!
وڃايو وقت تو ڪافي، اٿي هوشيار ٿي سنڌي!
سماجي سُور سارا دُور ڪر، ڌرتيءَ ـ ڌڻي بڻجي،
سچي ”دُولهه“ ۽ ”دودَي“ جان اچي دلدار ٿي سنڌي!
حمد لکندي، پروردگار جي تعريف ۾، ان کي سمورين ڪائناتن جي خالق ۽ مالڪ طور ساراهيندي، قاضي ”قائل“ جو انداز روايتي حمد گو شاعرن کان بنهه مختلف ۽ نرالو آهي:
حبل الوريد کان ڀي ويجهو مقام تنهنجو
وسريو نه مُور مونکان، نرمل آ نام تنهنجو
ڪي ”گاڊ“، ”ايشور“، ڪي ”ڀڳوان“ سان سڏن ٿا
”الله“ آهه ڪاٿي، آ ”رام“ نام تنهنجو
پرماتما، پريتم، پروردگار تون آن
مندر، شوالو، مسجد، ڪعبو، قيام تنهنجو
”گنگا“ هجي يا ”جمنا“، ”سنڌو“ يا ”نيل“، ”زمزم“
سڀ تي آ حڪم تنهنجو، محڪم مقام تنهنجو
رٽائرمينٽ کانپوءِ قاضي ”قائل“ صاحب صحافت، سياست توڙي سماجي خدمتن جي شعبن ۾ عملي طور بهرو ورتو ۽ پنهنجي آخري دم تائين انهن ميدانن جي بي لوث خدمت ڪيائين. صحافت جي دنيا ۾ قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ متعدد اخبارن ۾ صحافتي پورهيو ڪرڻ سان گڏوگڏ رتيديري ۾ پريس ڪلب جو بنياد پڻ وڌو. هُن رتيديري جي صحافين جي تنظيم سازي به ڪئي ۽ کين تنظيم سازي سيکاري به! پاڻ رتيديري پريس ڪلب جو باني، پهريون ۽ تاحيات صدر به رهيو. هن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي ترجمان رتيديري مان نڪرندڙ اخبار، هفتيوار ”هاري“ ۾ شريڪ ايڊيٽر طور ڪامريڊ اعتبار جاگيراڻيءَ جو هٿ پڻ ونڊايو. قاضي صاحب جي سياست سان به عملي طرح وابستگي رهي. جوانيءَ جي دؤر ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پاڻ خاڪسار تحريڪ جي اهم اڳواڻ ۽ پنهنجي ڳوٺائيءَ سيّد وريل شاهه سان رفاقت هئڻ سبب ”خاڪسار تحريڪ“ جو سرگرم ڪارڪن رهيو ۽ پنهنجي نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ کان پوءِ، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ذاتي تعلق هئڻ سبب سندس چوڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ رڪن جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪيائين ۽ پارٽي اجلاسن توڙي ميٽنگن ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهيو.
سنڌي ادب جو هي اهم خدمتگذار، قاضي عبدالحيُّ ”قائل“، حج ادا ڪرڻ لاءِ جُولاءِ 1989ع ۾ ڀلي پار روانو ٿيو، جتي حجّ جا فرض ادا ڪرڻ کان 10 ڏينهن پوءِ معمولي علالت کانپوءِ، 23 جُولاءِ 1989ع تي مڪي پاڪ ۾ هن جهان مان موڪلايائين ۽ کيس مڪّي پاڪ جي ”جنت المُعلى“ (قبرستان) ۾ نبين ۽ صحابي سڳورن جي نواح ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو.
اڄ قاضي عبدالحيُّ ”قائل“ کي اسان کان وڇڙئي 35 ورهه مڪمّل ٿي رهيا آهن، پر سندس سخن جي سڳنڌ، سنڌي ساهت کي، ۽ سندس علم جي عملي سيوا جو هڳاءُ، سنڌ کي ۽ سندس صحافتي خدمتن جي خوشبوء، سنڌ جي صحافتي حلقن کي معطر ڪرڻ جو سبب آهي.
فڪر ناهي جيڪڏهن توساڻ گڏ ناهيان پرين!
آءٌ احساسن سان ٿو توکي سدا چاهيان پرين!