گڏاپ (رپورٽ: ممتاز شيخ ) ڪراچي سائيٽ سپر ھاءِ وي ٿاڻي جي حد علي محمد شيخ ڳوٺ ۾ اوڏ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران ڇڏائڻ لاءِ ويل سماجي اڳواڻ نصرالله شيخ کي اوڏ برادري جي ھٿياربندن سنڌيون گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد مقتول جا وارث وڏي انگ ۾ گھرن کان ٻاھر نڪري آيا ۽ علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو. احسن آباد سميت علي محمد شيخ ڳوٺ ۽ دلدار عمراڻي ڳوٺ جون مين مارڪيٽون بند ٿي ويون. پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو. ٻئي طرف مک جوابدار اسلم اوڏ جي گرفتاري لاءِ مقتول جي وارثن لاش کي سپر ھاءِ وي بند ڪري ڇڏيو. احتجاجي مظاھري ۾ اين اي 235 قومي اسيمبلي جو ميمبر اقبال محسود، پانڌي بگٽي، پيپلزپارٽي جو اڳواڻ نديم چانڊيو، سلطان بليدي، مشتاق سرڪي، عمران شيخ ۽ صحافي ممتاز شيخ سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مقتول جي چاچي موسيٰ شيخ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ظالمن ظلم ڪيو آھي اسان جي ڪونڌڙ نوجوان کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آھي. مک جوابدار جي گرفتار نه ڪيو ويو ته اسين پنھنجو احتجاج جاري رکنداسين. جڏھن ته سائيٽ سپر ھاءِ وي پوليس قتل جي مک جوابدار اسلم اوڏ سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي. جنھن کانپوءِ وارثن مين سپر ھاء وي تان احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.