اسلام آباد(م ڊ) فلور مل مالڪن حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت 7 ڪلاڪن جي هڙتال کانپوءِ ايڊوانس انڪم ٽيڪس واپس وٺي ڇڏيو آهي.ان حوالي سان وفاقي وزير احد چيما جي صدارت ۾ وفاقي حڪومت ۽ فلور ملز ايسوسي ايشن جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، چيئرمين ايف بي آر، فلور ملز ايسوسيئيشن جي مرڪزي چيئرمين عاصم رضا ۽ چئني صوبن جي چيئرمينن شرڪت ڪئي. وفاقي حڪومت ۽ فلور ملز ايسوسيئيشن وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون. حڪومت 7 ڪلاڪن جي هڙتال کانپوءِ فلور ملرز تان ايڊوانس ٽيڪس واپس وٺي ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب سڄي ملڪ ۾ فلور ملز معمول مطابق هلنديون، انڪم ٽيڪس ايڪٽ جي سيڪشن 153 اي فلور ملن تي لاڳو نه ٿيندو، جڏهن ته ملون ڪميشن سسٽم تحت اٽو وڪرو ڪنديون. اٽي جا ڊيلر ۽ ريزڪي دڪاندار اٽي جي ملن کان في بيگ ڪميشن وصول ڪندا.