ڪراچي (رپورٽر ) آل سنڌ ٽيسٽ پاس ٽيچرس ايڪشن ڪاميٽي ۽ استادن جي تنظيم پي ٽي الف (پ ٽ ا) پاران مختلف وقتن ۾ ڀرتي ٿيندڙ، ٽيسٽ پاس ڪندڙ ۽ نئين ڀرتي ٿيل استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاجي مظاهرو ڪندڙ استادن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ علي شير جتوئي، فتح دين کوسو، اماالله عباسي، رضوان رند ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته مختلف وقتن تي ڀرتي ٿيل استادن کي پڪو نه ٿو ٿو ڪيو وڃي، 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ استادن لاءِ هارڊ ايريا وارو شرط رکيو ويو آهي جيڪو ختم ڪيو وڃي، سروس اسٽرڪچر ايڇ ايس ٽي کان سيڪينڊري ۽ پي ايس ٽي مان جي اي ايس ٽي اسڪولن ۾ پروموشن بابت تعليم کاتي پاران اسٽرڪچر جاري نه ٿو ڪيو وڃي. ٻئي طرف استادن جي وفد جي سنڌ جي تعليم کاتي جي عملدارن سان ملاقات ڪئي، استادن طرفان تعليم کاتي جي اعلي عملدارن آڏو پنهنجا مطالبا رکيا ويا جيڪي تسيلم نه ڪيا ويا. ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد استادن طرفان سنڌ اسيمبلي روڊ کان ٿيندي سي ايم هائوس طرف وڌڻ لڳا جنهن بعد استادن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون استادن کي پولو گرائونڊ روڊ تي روڪيو ويو، پوليس جون گاڏيون بيهاري روڊ بند ڪيو ويو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي. استادن طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ڌرڻو جاري رهيو.