حيدرآباد/ خيرپور (رپورٽر) حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي سبب 24 ڪلاڪن دوران 9 ماڻھو فوت ٿي ويا، جن جا لاش مختلف علائقن مان ھٿ آيا آهن، سخت گرمي، گھٽ ۽ ٻوسٽ سبب ڪالهھ حيدرآباد جي لطيف آباد، سائيٽ، حالي روڊ، پڪو قلعو، ٽاور مارڪيٽ ۽ ھيرآباد وارن علائقن ۾ 9 ماڻھو فوت ٿي ويا، ٻئي طرف سول اسپتال ۾ سڃاڻپ نه ٿيندڙ لاش تدفين لاءِ ايڌي رضاڪارن کي ڏئي ڇڏيا آهن، ھوڏانھن ڦليلي ٿاڻي جي حد الھداد چنڊ ڳوٺ ۾ شبير مڱڻهار نالي شھري گرمي جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو، علائقي واسين موجب، بجلي جي بندش ۽ گرمي سبب شبير مڱڻهار فوت ٿي ويو آهي. ٻئي طرف خيرپور ۾ ۽ ڀرپاسي قيامت خيز گرمي آهي، آر ٽي سينٽر خيرپور ۾ ٽريننگ ڪندي پوليس اهلڪار دانش گل فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڳوٺ دائود جو رهواسي غلام شبير ڦلپوٽو گرميءَ سبب بيهوش ٿي ويو جنهن کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو آهي. جڏهن ته قهر جي گرمي سبب ڪيترائي عورتون توڙي مرد ٻارڙا بيهوش ٿي ويا آهن.
هيٽ ويو ۽ بجلي بندش سبب ٽن شهرين جي فوت ٿيڻ جو انڪشاف
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪي اليڪٽرڪ خلاف درخواست ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هيٽ ويو ۽ لوڊشيڊنگ سبب ناظم آباد جي علائقي نارٿ وستا جي 3رهواسي فوت ٿي ويا آهن جنهن تي رهواسين عدالت کان رجوع ڪيو آهي. رهواسين جو چوڻ آهي ته وقت بل جمع ڪرڻ جي باوجود 12،12ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي.نارٿ وستا واسين جي درخواست تي ڪي اليڪٽرڪ پاران جواب داخل ڪيو ويو آهي ته نارٿ وستا جي رهواسين جي درخواست ٻڌڻي جي قابل نه آهي.سپريم ڪورٽ براهه راست عدالت کان رجوع ڪرڻ خلاف فيصلو ڏئي ڇڏي آهي. جنهن فيڊر تي نقصان ٿيندو هن جگهه لوڊشيڊنگ ٿيندي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪي الڪٽرڪ جو جواب غير لاڳاپيل آهي جنهن جي ڪا به اهميت نه آهي. درخواستگذارن پهرين نپيرا کان شڪايت ڪئي هئي پر هنن ڪا به فيصلو نه ڪيو آهي، وڪيل جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ جي موجب فيڊرنولاسز ۾ ايندو آهي .جڏهن فيڊر نولاسز ۾ ايندو آهي ته لوڊشيڊنگ ڇو ٿي رهي آهي.