اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت پرڏيهه ۾ سياسي پناهه وٺندڙن کي پاڪستاني پاسپورٽ جاري نه ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي فلاح بهبود بابت ڪيئي اهم معاملن غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم کي گهرو سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر جنرل آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي وقت سر پاسپور جاري ڪرڻ جي سهولت بابت آگاهي ڏني.اجلاس ۾ پرڏيهه ۾ سياسي پناهه وٺندڙن کي پاڪستاني پاسپورٽ جاري نه ڪرڻ وارو پنج جون 2024 واري سرڪلر کي فوري طور واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو.لاڳاپيل اختيارين نائب وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته سمنڊ پار پاڪستانين جا پاسپورٽ 60 ڏينهن اندر جاري ڪيا ويندا.
-
يو اي اي ۾ احتجاج ڪرڻ بنگالين کي مهانگو پئجي ويو،57 کي سزائون
ابوظهبي ( م ڊ ) متحده عرب امارات ۾ غير قانوني احتجاج ڪرڻ تي 57 بنگلاديشي شهرين کي سزا، ملڪ بدر ڪيو ويو ، گڏيل عرب امارات 57 بنگلاديشي شهرين کي غير قانوني احتجاج ڪرڻ تي سزا ٻڌائي ڇڏي.عرب ميڊيا موجب ابوظهبي جي فيڊرل ڪورٽ آف اپيلٽ طرفان آچر ڏهاڙي تي بنگلاديشي مهاجرن کي امن امان کي نقصان پهچائڻ تي سزا ٻڌائي . فيڊرل اپيل ڪورٽ پاران غيرقانوني احتجاج جو سڏائڻ ڏيڻ ۽ ٻين کي ڀڙڪائڻ تي 3 بنگلاديشي شهرين کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي،احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن تي 53 بنگلاديشي شهرين کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. عرب ميڊيا رپورٽن موجب سزا يافته جوابدارن خميس ڏينهن گڏيل عرب امارات ۾ بنگلاديش حڪومت خلاف مظاهرا ڪيا.
-
”گڊ طالبان“ خلاف ڪارروائي لاءِ ادارن تي دٻاءُ
اسلام آباد(عمر چيما) پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم جي سرگرم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون لسٽون تيار ٿي ويون،ڊجيٽل دهشت گردي جي نالي تي آپريشن جي وڪڙ ۾ ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن اچڻ وارا آهن،ايف آءِ اي ۾ ڪجهه عرصي کان فهرست تيار ٿي رهي هئي،۽ ڳجهين ايجنسين ٽوئيٽر ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جي نگراني جاري رکي آهي،ايندڙ ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ ۽ ادارن وچ ۾ جاري جنگ وڌيڪ تيز ٿيڻ واري آهي،جڏهن ته بنون واقعي جي حوالي سان گڊ طالبان خلاف ڪارروائي جو مطالبو زور پڪڙي ويو آهي،سي ٽي ڊي جو موقف آهي ته ”گڊ طالبان“ کي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل آهي، اسان ڪنهن کي گرفتار ڪريون ٿا ته ٽن ڏينهن ۾ ان کي آزاد ڪرايو وڃي ٿو،گڊ طالبان ڪي پي ۾ ڀتي خوري ۾ملوث آهن،کين سرڪاري ٺيڪا به ملن ٿا، ايجنسيون گڊ طالبان کي استعمال ڪن ٿيون،انهن کان انٽيليجنس جو ڪم ورتو وڃي ٿو، اتي وائيڊ فيڊر گاڏيون کين ڏنل آهن،