کارسر ڪارونجهر جو اڻٽٽ حصو آهي، ڪٽائي قبول ناهي: نواز زئور

حيدرآباد(پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آھي ته کارسر ڪارونجهر پھاڙي سلسلي جو اڻٽٽ حصو آهي، ڪٿان  به ۽ ڪهڙي به حصي وٽان ڪارونجهر جي ڪٽائي قبول نٿي ڪري سگهجي. نواز خان زئور چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏئي چڪي آهي، جنهن فيصلي موجب ڪارونجهر جي ڪٽائي نٿي ڪري سگهجي. نگران سنڌ حڪومت پاران هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل ڪيل اپيل موجودا سنڌ حڪومت کي واپس وٺڻ گهرجي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ حڪومت جي به ڪارونجهر ڏانهن ساڳي نگران حڪومت واري پاليسي آهي، جنهن کي عوام رد ڪري ٿو. نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ قومي پارٽي پاران پرامن سياسي جدوجھد ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.