اسلام آباد (رضا رومي) حڪومت جي آءِ ايم ايف سان 7 ارب ڊالرن جي پئڪيج ڊيل هلندڙ مهيني دوران فائنل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهنسندن شرط هو ته ٽئڪس وصوليون وڌايون وڃن ۽ سرڪاري خرچ گهٽايا وڃن. پر حڪومت خرچ گهٽائڻ بدارن ٽئڪس جو سمورو بار عوام تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ناليواري اقتصادي ماهر هارون خواجه ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جو زور هو ته حڪومت پنهنجي آمدنيءَ موجب خرچ ڪري. آءِ ايم ايف جو اهو به مطالبو آهي ته ٽئڪس جي سسٽم کي سولو بڻايو ۽ سڌين ۽ اڻ سڌين ٽئڪسن جو سسٽم ختم ڪيو. پر حڪومت جو ان حوالي سان ڪو به موڊ ناهي. ان کانسواءِ ريزڪي دڪاندارن، ايڪسپورٽرز ۽ زرعي شعبي کي به ٽئڪس نيٽ ۾ آندو وڃي. حڪومت ايڪسپورٽرز تي ته ٽئڪس لڳائي ڇڏي آهي، ريزڪي دڪاندارن بابت به سرگرميون جاري آهن پر زرعي ٽئڪس بابت اڃا تائين ڪو نظام نه ٺهي سگهيو آهي.