حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ ٿي گذريو اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ۾ هٿ وٺي جرڳا ڪرايا پيا وڃن ته جيئڻ سرداري نظام کي اڃان وڌيڪ مظبوط ڪيو وڃي. هن چيو ته هڪ سازش تحت ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي وئي جيڪي شماريات کاتي انگ اکر ظاهر ڪيا آهن اهي مڪمل ڪوڙا آهن جن کي اسان رد ڪريون ٿا. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ٽن سالن کان قيد ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪرائي وارثن جي حوالي ڪيو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 28 جولاءِ تي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ سنڌ جي زمينن تي مختلف پروگرامن ۽ پروجيڪٽ جي نالي ۾ والار، کارسر جي نالي ۾ ڪارونجهرڪٽائي، ڪينجهر، گورک ۽ ٻين تي تاريخي ماڳن تي قبضي، ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ ڪوڙن انگ اکرن، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽سنڌو تي غير قانوني ڪئنال اڏڻ، پريما ڪماري کي بازياب نه ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.