اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ تي ڇاپو هڻي رئوف حسن ۽ ڪوآرڊينيٽر احمد وقاص جنجوعا ئي گرفتار ڪري ورتو آهي. اسلام آباد پوليس سيڪريٽريٽ مان ڪمپيوٽر سميت ٻيو سامان به کنيو آهي جڏهن ته پوليس سينٽرل سيڪريٽريٽ کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پوليس قيدين جي وين کي به پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ تائين پهچايو، پوليس مرڪزي آفيس کي چئني پاسن کان گھيري ورتو. ۽ پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ ڏانهن ويندڙ رستو بلاڪ ڪيو ويو. بئريسٽر گوهر ۽ اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن سيڪريٽريٽ ۾ موجود هئا. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇاپو ان ثبوت جي بنياد تي ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ آفيس ۾ قائم ڪيل ڊجيٽل ميڊيا سيل ملڪ خلاف واويلا جو مرڪز هو. اسلام آباد جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ثبوتن جي بنياد تي پي ٽي آءِ جي اسلام آباد ۾ قائم ڊجيٽل ميڊيا سيل جي هيڊ آفيس تي ڇاپو هنيو آهي.