پاڪ فوج پي ٽي آءِ کي سياسي مافيا ۽ ڊجيٽل دهشت گرد قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (عمران شفقت+انصار عباسي) پاڪ فوج پي ٽي آءِ کي سياسي مافيا ۽ ڊجيٽل دهشت گرد قرار ڏئي ان خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آھي. ان کانسواءِ اسمگلنگ روڪڻ لاءِ به سخت ڪارروائي ڪرڻ جا اشارا ڏنا.آءِ ايس پي آر سربراهه جي پريس ڪانفرنس کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن جي گرفتاريءَ کي به اهم قرار ڏنو پيو وڃي. پريس ڪانفرنس ۾ افغانستان جي سرحد کولڻ بابت به ذڪر ڪيو ويو. ماضيءَ ۾ افغانستان جي سرحد کولي انهن کي اچڻ وڃڻ جا رستا ڏنا، هاڻي اها ئي فوج افغانين جي اچ وڃ جا رستا بند ڪري اسمگلنگ روڪڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي. اسان افغانستان ۾ آمريڪا جي جنگ وڙهي ۽ فوجي جرنيلن انهن کان ڊالر ورتا. افغانستان سميت هر سرحد تي به فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار مقرر هوندا آهن، انهن کان ئي اسمگلنگ بابت پڇاڻو ٿيڻ گهرجي. فوجي قيادت کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته اهو ڪم فوج ۽ ٻين ادارن جي ملي ڀڳت کانسواءِ نه اڳ ٿي پئي سگهيو، نه هاڻي ٿي سگهندو. ان لاءِ اصل مرض جو علاج ڪيو وڃي. آءِ ايس پي آر جي سربراهه پي ٽي آءِ، دهشتگردن ۽ اسمگلرن جي ملي ڀڳت ڪري ملڪ ۾ فوج خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو آهي. ان لاءِ پي ٽي آءِ خلاف سخت وقت اچي ويو آهي. ان خلاف ڪريڪ ڊائون به شروع ٿي چڪو آهي ۽ وڌيڪ گرفتارين جو امڪان آهي،بنون ۾ ماڻهن فوج ۽ رياست خلاف نعرا هنيا، فوجي تنصيبات تي حملا ڪيا ويا، ان تي فوجي ترجمان عدليه کي ميار ڏني،9 مئي جي جوابدارن کي ڍر ڏيڻ جي حوالي سان عدالتي نظام تي سوال اٿاريا ويا، فوج مخالف پروپيگنڊا تي آءِ ايس پي آر ميڊيا سان ريگيولر رابطن جو اعلان ڪيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 23 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.