ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس، پي ٽي آءِ قيادت جو سخت ردعمل

اسلام آباد( بيورو/م ڊ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب جو چوڻ آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جيڪڏهن اسمگلنگ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ٻڌايو وڃي ته سرحد تي ڪير ڊيوٽي ڏئي ٿو. پيٽروليم شين جي اسمگلنگ ڇو ۽ ڪيئن ٿي رهي آهي؟ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر، اسد قيصر ۽ پارٽي جي ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمر ايوب چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس حڪومت خلاف فرد جرم آهي. هن اسمگلنگ جي ڳالهه ڪئي ته ڇا پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي بارڊر تي تپيدار ڊيوٽي ڏيندا آهن. ايران مان 550 ارب رپين جو پيٽرول اسمگل ٿئي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم کان بي نامي اڪائونٽس بابت پڇو، نيڪٽا ايف اي ٽي ايف جي ڪري ٺاهيو ويو. جڏهن ته واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي بنون واقعي جي تحقيق ٿيڻ گهرجي.  هن چيو ته پنجاب ۾ محسن نقوي جي دور ۾ ٻاهران غير قانوني ڪڻڪ خريد ڪئي وئي، فارم 45 تي انوارالحق ڪاڪڙ ۽ حنيف عباسي وچ ۾ جهيڙو ٿيو.  عمر ايوب سينٽرل سيڪريٽريٽ تي ڇاپي بابت چيو ته پوليس سمورن حلفي بيانن کي حراست ۾ ورتو، رئوف حسن بزرگ ۽ ڪينسر جو مريض آهي پر کيس گرفتار ڪيو ويو. پريس ڪانفرنس ڪندي بئريسٽر گوهر چيو ته سياسي پارٽي جي مرڪزي آفيس پارليامينٽ جو بنياد آهي، اڄ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽريٽ تي ڇاپو هنيو ويو، پوليس جي وڏي نفري مرڪزي سيڪريٽريٽ جو گهيرو ڪيو، بنا ڪنهن اطلاع جي. اسان جي پارٽي سيڪريٽريٽ تي چڙهائي ڪئي وئي ۽ سڀني هنڌن جون تصويرون ڪڍيون ويون، جڏهن ته مون کي نه پر رئوف حسن کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته اسان اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا، سياسي پارٽي جي آفيس تي حملو جائز ناهي، ڏک جي هن گهڙي ۾ پي ٽي آءِ آهي، هئي ۽ رهندي، 3 ڪروڙ عوام پاڪستان تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.