راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته عزم استحڪام فوجي آپريشن نه پر گهڻ رخي مهم آهي، هڪ سياسي مافيا ان خلاف سازش ڪري رهي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته هن پريس ڪانفرنس جو مقصد ڪجهه معاملن تي فوج جو موقف واضح ڪرڻ آهي، ويجهڙائي واري عرصي دوران هٿياربند فوج خلاف منظم پروپئگنڊا، ڪوڙ، غلط معلومات پکيڙڻ۽ ان سان منسوب هٿ ٺوڪين خبرن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي انڪري معاملن کي نظر ۾ رکندي بار بار پريس ڪانفرنس ڪنداسين. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته هلندڙ سال سيڪيورٽي فورسز 22409 انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪيا، آپريشنز دوران 31 انتهائي گهربل دهشتگرد ماريا ويا، اداري روزاني بنيادن تي 112 آپريشنز ڪيا ويا. هن چيو ته عزم استحڪام تي 22 جون تي نيشنل ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ لاڳاپيل وزيرن، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز شرڪت ڪئي ۽ سمورا سروسز چيف به موجود هئا، ايپڪس ڪميٽي اجلاس جي هڪ پڌرائي جاري ٿي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته اسان کي هڪ قومي اتفاق راءِ سان دهشتگردي جي خاتمي جي پاليسي جوڙڻي پوندي. هن چيو ته انتهائي سنجيدا معاملن کي سياست جي ور چاڙهيو پيو وڃي، عزم استحڪام ان جو مثال آهي، عزم استحڪام فوجي آپريشن ناهي پر دهشتگردي خلاف هڪ مضبوط مهم آهي، عزم استحڪام کي تڪرار ڇو پيو بڻايو وڃي؟ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هڪ مضبوط لابي آهي جيڪا چاهي ٿي ته عزم استحڪام جا مقصد پورا نه ٿين، عزم استحڪام تي سياست ڪئي پئي وڃي، ڇو ته هڪ مافيا، سياسي مافيا ۽ غيرقانوني مافيا مخالفت ڪري رهي آهي ۽ چوڻ لڳي آهي ته اسان آپريشن عزم استحڪام ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ شدت سان وڙهي ويندي، چار کان پنج آپريشن اسان هر ڪلاڪ ۾ ڪري رهيا آهيون، اٽڪل 32 هزار کان وڌيڪ مدرسا پاڪستان ۾ آهن، 16 هزار مدرسا رجسٽرڊ آهن ان کانسواءِ ٻيا مدرسا ڪٿي آهن ڪير هلايو رهيو آهي، پنجاهه سيڪڙو مدرسا رجسٽرڊ ناهن ڇا اِهو فوج کي ڪرڻا آهن؟ سندس چوڻ هوته افغانستان ڇهن ملڪن جي سرحد لڳي ٿي جنهن ۾ پاڪستان کانسواءِ باقي 5 پنجن ۾ پاسپورٽ ذريعي اچ وڃ آهي، پاڪستان جي سرحد کي سڃاڻپ ڪارڊ جي بنياد تي سوفٽ ( نرم) بارڊر ڇو رکيو پيو وڃي؟ حڪومت ون ڊاڪيومينٽ رجيم پاسپورٽ لاڳو ڪيو ته ان جي خلاف احتجاج شروع ٿي ويو، احتجاج ڪندڙن جو هڪ ئي مطالبو آهي اسان کي اسمگلنگ ڪرڻ ڏيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بنون ڇانوڻي تي حملي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب ڪجهه شهري به شهيد ٿيا، بنون امن مارچ ۾ ڪجهه ماڻهن رياست ۽ فوج خلاف نعريبازي ڪئي ۽ پٿراءُ ڪيو، هجوم ۾ ڪجهه هٿياربند ماڻهو شامل هئا، اتي راشن جي ٽرڪ ڦري وئي، واقعي سبب هڪ ڪلوميٽر پري ڪجهه ماڻهن فائرنگ ڪئي، بنون واقعي تي فوج جي جوابي ڪارروائي ايس او پي ۽ آرڊر مطابق هئي. هن چيو ته 15 جولاءِ جو پرهه ڦٽي مهل دهشتگردن بنون ڇانوڻي تي حملو ڪيو، فوج ڀرپور جواب ڏنو، ۽ اسان جا 8 جوان شهيد ٿيا، اسان جي جوانن بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته 9 مئي کانپوءِ وڳوڙي ٽولي چيو هو ته فوج ماڻهن کي ڇو نه روڪيو گولي ڇو هلائي؟ بيانيو هلايو ويو ته فوج گولي نه هلائي ڇو ته اِهي فوج جا ماڻهو هئا، فوجي ٿاڪن تي ڪو شرپسند ايندو آهي ته پهريان وارننگ ڏني ويندي آهي ۽ هوائي فائرنگ ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ جيئن صورتحال کي منهن ڏنو ويندو آهي ائين ڪيو ويو . ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اِهو سڀ انڪري ٿيو جو 9 مئي جي رٿابندي ڪندڙن کي جيستائين سزا نه ڏني ويندي ملڪ ۾ انتشار ۽ فسطائيت وڌيڪ پکڙجي ويندي، دهشتگردن سان گڏ ڊجيٽل دهشتگرد هئا ۽ واقعي کانپوءِ پراڻيون تصويرون ڪڍي پروپئگنڊا ڪئي وئي جيتوڻيڪ امن امان جي صورتحال قائم رکڻ فوج جي نه صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڊجيٽل دهشتگرد ڪوڙ ۽ جعلي خبرن ذريعي پنهنجا خيال مسلط ڪندو آهي، ڊجيٽل دهشتگرد بابت ڪڏهن ڪڏهن خبر ناهي ته ڪٿي ويٺو آهي؟ هن چيو ته فزيڪل دهشتگردن جو خاتمو آپريشن ذريعي ڪري سگهجي ٿو، ڊيجيٽل دهشتگردن کي قانون ذريعي روڪڻو پوندو. نگراني ڪري روڪڻو پوندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته سوشل ميڊيا تي ٻين ملڪن جي ٻارن جون تصويرون پوسٽ ڪري فوج کي بدنام ڪيو وڃي ٿو، ڊجيٽل دهشتگرد ڪوڙ ۽ جعلي خبرن ذريعي پنهنجو نظريو مسلط ڪن ٿا. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته 9 مئي کانپوءِ انتشار پسند گروپ چيو هو ته فوج ڇو نه روڪيو، فائرنگ ڇو نه ڪئي؟ اها روايت هلندي هئي ته جيئن فوج فائرنگ نه ڪئي، اها پاڻ کڻي آئي، جڏهن فوجي تنصيبات تي ڪو سڏ ٿيندو آهي ته پهريان وارننگ ڏني ويندي آهي ۽ پوءِ هوائي فائرنگ ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ ائين ڪيو ويندو آهي جيئن ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته هتي مسئلو اهو آهي ته ائين ڇو ٿيو؟ اهو ان ڪري ٿيو آهي جو توهان جي عدالت جو حڪم، جيڪو 9 مئي جي رٿابندي ڪندڙن کي ڍر ڏئي رهيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف اسمگلنگ جو مثال ڏيندي چيو ته آپريشن جو هڪ مقصد دهشتگردي ۽ ڏوهن جي ڳانڍاپي جو خاتمو آهي، دهشتگرد ملڪ ۾ بي نامي پراپرٽيز، اسمگلنگ ۽ نان ڪسٽم پيڊ گاڏين ذريعي ڪارروايون ڪري رهيا آهن. تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي تازي ڌرڻي بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته حڪومت ۽ ادارا عوام جي ”حساسيت ۽ جذبن“ کي نظر ۾ رکندي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيئن ڌرڻو هو. مسئلو فلسطين جو آهي. ڌرڻي ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي رد ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن جماعت اسلامي سڀاڻي اسلام آباد ۾ ڌرڻو ڏئي ها ته پوءِ به ماڻهو دعويٰ ڪندا ته ان جي پويان فوج هئي.