ڪراچي (رپورٽر) آءِ ايس آءِ کي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ واري فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. عبدالاحد ايڊووڪيٽ راجا ارسلان ايڊووڪيٽ ذريعي آئيني درخواست داخل ڪئي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني درخواست تي اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، درخواست ۾ وفاق، گهرو وزارت، قانون واري وزارت، بچاءَ واري وزارت، پي ٽي اي ۽ ٻين ادارن کي به ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فون ٽيپنگ جي اجازت ڏيڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، فون ٽيپنگ ڪنهن به شهري جي پرائيويسي تي قبضو ڪرڻ جي برابر آهي.