ڪراچي ۾ جوابدار معصوم ڌيءُ ۽ سهري کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي علائقي بهادر آباد ۾ گهريلو تڪرار تان ناٺي مبينا طور تي سھري ۽ معصوم ڌيءَ کي قتل ڪري فرار ٿي  ويو. پوليس موجب نيو ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ اسٽار ھوم ۾ مبينا طور تي ناراض ناٺي سڪندر پنهنجي 47 سالن جي سھري زبير پٽ رزاق کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن دوران سندس 8 مهينن جي فاطمه ڌيءُ سڪندر به قتل ٿي وئي، ايس ايس پي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ مطابق ٻڌايو پيو وڃي ته نيو ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ سھري ۽ ناٺي وچ ۾ جهيڙو گهريلو تڪرار تان پيش آيو، پوليس جو چوڻ آهي ته فرار ٿيل جوابدارن جي خلاف پوليس ڪيس داخل ڪري سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.