عمران خان پاران جي ايڇ ڪيو آڏو احتجاج لاءِ سڏ ڏيڻ جو اعتراف

راولپنڊي (بيورو/ م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ايڇ ڪيو آڏو احتجاج جي سڏ ڏيڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته گرفتاري کان اڳ ڪارڪنن کي جي ايڇ ڪيو آڏو پرامن احتجاج جي سڏ ڏني هئي. اڳوڻي وزيراعظم  اهو به چيو ته چيف جسٽس مخصوص سيٽن جي نظرثاني درخواست تي جلدي ۾ آهي، مان چيف جسٽس کان پڇان ٿو ته 25 مئي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڇو نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته منهنجي خلاف 9 مئي جي ڪيسن ۾ به شاهد تيار ڪيا پيا وڃن.  جڏهن وزيرآباد ۾ گوليون لڳيون ته مون جنرل فيصل جو نالو ورتو. ان وقت ڪنهن به احتجاج يا ڀڃ ڊاهه نه ڪئي هئي. 14 مارچ تي منهنجي گهر تي حملو ڪيو ويو ۽ 18 مارچ تي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ مون تي ٻيو حملو ٿيو. مون کي فوجي جيل ۾ قيد ڪري ڪيس ملٽري عدالتن ۾ هلائڻ جي ڪوشش پئي ٿئي.  وڪيلن يقين ڏياريو ته اسان ڪٿي به نه وينداسين ۽ جاچ ۾ تعاون ڪنداسين. وڪيلن جي ڌمڪين باوجود رينجرز ۽ پوليس گهرن ۾ داخل ٿي گهرن کي ٽوڙي ڇڏيو.  18 مارچ تي جوڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ منهنجي پيشي دوران پوليس ٻيهر حملو ڪيو، مون کي خبر هئي ته گرفتاري کان اڳ ئي ڪارڪنن جي ايڇ ڪيو آڏو پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو هو.   پي ٽي آءِ باني الزام هنيو ته پارٽي چيئرمين کي رينجرز اغوا ڪيو، ڪارڪن جي ايڇ ڪيو آڏو احتجاج ڪندا، اسان جي پرامن احتجاج کي بغاوت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن اسان پرامن نه هجون ها ته ياسمين راشد جناح هائوس ٻاهران ماڻهن کي نه روڪي ها. هن چيو ته  9 مئي جي واقعن جي سي سي ٽي وي فوٽيج ISI چوري ڪئي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي منهنجي خلاف سرينا عيسيٰ جا بيان آهن، اخلاقي طور تي چيف جسٽس کي اسان خلاف ڪيس نه ٻڌڻ گهرجي. چيف جسٽس مخصوص سيٽن جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ۾ رڌل آهي، مان چيف جسٽس کان پڇان ٿو ته 25 مئي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڇو نه ٿي رهي آهي. پي ٽي آءِ جي باني جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ آڻڻ کان بهتر آهي ته سڌو سنئون مارشل لا لڳايو وڃي، ملڪ ۾ غير اعلانيل مارشل لا لڳل آهي، اسان جا پروفيشنل پرڏيهه وڃي رهيا آهن، ان جو حل آهي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ کي بيوقوف سمجهن ٿا، ملڪ کي موجوده بحرانن مان ڪڍڻ جو واحد حل شفاف چونڊون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.