آءِ پي پيز ذريعي عوام جو رت چوسڻ جو انڪشاف، 19سئو اربن جو ڌاڙو

اسلام آباد(م ڊ) آزاد پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين (IPPs) جي ڪيپيسٽي پئمينٽ جي ادائيگي عوام جو رت نچوڙي ڇڏيو آهي. حڪومت هڪ سال ۾ بجلي جو هڪ يونٽ به خريد نه ڪيو پر 1929 ارب رپين جي معاوضي جي مد ۾ مجموعي طور تي 1198 ارب رپين جي بجلي آئي پي پيز کان خريد ڪئي وئي پر 3127 ارب رپيا ادا ڪيا ويا. جيئن جيئن آءِ پي پيز خلاف آواز اٿندو پيو وڃي، تيئن تيئن هي اسڪيم بي نقاب ٿي رهي آهي، حڪومت آءِ پي پيز کي ڪيپيسٽي جي ادائيگي جي سمارٽ ڊيٽا پڌري ڪري ڇڏي آهي، ڪمپنين جو چوڻ آهي توهان بجلي خريد ڪريو يا نه، توهان کي رقم ادا ڪرڻي پوندي ۽ حڪومت ئي ڪري رهي آهي. گذريل سال 1198 ارب رپين جي بجلي عوام جي پئسن سان آءِ پي پيز کان خريد ڪئي وئي پر 3127 ارب رپيا ادا ڪيا ويا يعني بجلي خريد ڪرڻ کانسواءِ 1929 ارب رپين جي گنجائش جي ادائيگي ڪئي وئي. آءِ پي پيز کي ڪيل ادائگين ۾ 38 سيڪڙو پيداواري لاڳت ۽ 62 سيڪڙو ڪيپيسٽي پيمنٽ جو انڪشاف ٿيو آهي.  بيوروڪريسي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 85 سيڪڙو آءِ پي پيز 50 سيڪڙو کان به گهٽ پيداوار ڏين ٿا پر ادائگيون 100 سيڪڙو ڪيون وڃن ٿيون، صرف ٻڙي سيڪڙو پلانٽ فيڪٽر پاور پلانٽس کي هڪ سال ۾ 46 ارب 40 ڪروڙ روپين جي ادائيگي ڪئي وئي. حڪومت پاران جن صفر سيڪڙو پلانٽ فيڪٽر پلانٽس کي فراخدليءَ سان انعام ڏنو ويو آهي، انهن ۾ حبڪو، ڪيپڪو، ايڇ سي پي سي شامل آهن، 4 سيڪڙو پلانٽ فيڪٽر وارن پلانٽ کي 7 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ادا ڪئي وئي، نندي پور پلانٽ کي 8 15 ارب رپيا ادا ڪيا ويا. فيصد پيداوار، جڏهن ته گنجائش کان 25 سيڪڙو گهٽ پيدا ڪندڙ پلانٽس کي 568 ارب رپيا ادا ڪيا ويا. اهڙي طرح 25 کان 83 سيڪڙو بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽس کي 1314 ارب رپيا ادا ڪيا ويا، چائنا پاور هب جنريشن ڪمپني کي 9 مهينن ۾ 103 ارب رپيا ادا ڪيا ويا. چيني ڪمپني 5 مهينن تائين ڪا به بجلي پيدا نه ڪئي جڏهن ته 4 مهينن ۾ پيداوار 18 سيڪڙو رهي، هونان شنڊونگ روئي انرجي 9 مهينن ۾ 95 ارب رپيا، پورٽ قاسم اليڪٽرڪ پاور ڪمپني 83 ارب رپيا، پنجاب ٿرمل پاور پرائيويٽ ڪمپني 26 ارب ۽ واپڊا هائيڊل کي 76 ارب رپين جي گنجائش جي ادائيگي ڪئي وئي، بند پيل نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ کي 10 ارب رپيا ڏنا ويا.

آءِ پي پيز سان معاهدا عام ڪيا وڃن: ايف پي سي سي آءِ

ڪراچي (رپورٽر) فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف پي سي سي آءِ) جي وقتي صدر عبدالمهيمن چيو آهي ته آءِ پي پيز سان معاهدن جا تفصيل عوام آڏو پيش ڪيا وڃن.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايف پي سي سي آءِ جي وقتي صدر چيو ته آءِ پي پيز کي 150 ارب رپيا ماهوار ڪيپيسٽي ادائگي ٿي رهي آهي، بند پلانٽس سان گڏ ڏهه 15 سيڪڙو تي هلندڙ پلانٽس کي به ادائگيون ڪيون پيون وڃن سمورين آءِ پي پيز جو فارنزڪ آڊٽ ڪرائي وڃي ڪرپشن ڪرپشن ثابت ٿي ته پوءِ پاڪستان پاڻ انصاف جي عالمي عدالت سان رابطو ڪري سگهي ٿو.هن چيو ته بجلي تمام گهڻي مهانگي ٿي وئي آهي، ڪاروبار ۽ صنعتون وڏي پيماني تي بند ٿي رهيون آهن، هڪ آءِ پي پي تي 50 ارب رپيا لاڳت ٿي آهي، ان کي هن وقت تائين 400 ارب رپيا ادا ڪيا ويا آهن، پاڻي مٿي کان ٽپي ويو آهي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ جاري رهي ته صنعتون بند ٿي وينديون.هن چيو ته آءِ پي پيز سان معاهدن تي نظرثاني ڪئي وڃي، امپورٽ ڪوئلي تي هلندڙ پلانٽ مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪيا وڃن، 52 سيڪڙو آءِ پي پيز جو تعلق حڪومت ۽ 20 سيڪڙو چين سان آهي، ان جا تفصيل عوام آڏو پيش ڪيا وڃن ته ڪهڙا معاهدا ڪيا ويا، ڪهڙن شرطن تي معاهدن تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

آءِ پي پيز جا معاهدا فوري رد ڪيا وڃن: آپٽما

لاهور(م ڊ) آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسي ايشن (آپٽما) پنجاب جي چيئرمين ڪامران ارشد حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته آءِ  پي پيز جا معاهدا فوري طور تي رد ڪيا وڃن ۽ 60 سيڪڙو ڪيپيسٽي ادائيگي بند ڪئي وڃي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامران ارشد چيو ته اهڙا به ڪارخانا آهن جن بجلي جو هڪ يونٽ به پيدا نه ڪيو آهي پر انهن کي اربين رپيا ادا ڪيا ويا آهن، حڪومت چاهي ٿي ته لکين ماڻهو بيروزگار ٿين، صنعتون بند ٿي رهيون آهن ۽ ايڪسپورٽ 19 ارب آمريڪي ڊالر مان گهٽجي ساڍا 16 ارب ڊالر ٿي وئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت صنعتن کي 9 سينٽ جي حساب سان بجلي ڏئي ته هڪ سال ۾ ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽ 25 ارب ڊالرن تائين پهچائي سگهون ٿا.

آءِ پي پيز معاملي تي حڪومت چين مان اميد لڳائي ڇڏي

اسلام آباد (سعيد چوڌري) پاڪستان ۾ جيڪي نجي بجلي پيداوار جا منصوبا آهن انهن ۾ چين اهم ڀائيوار آهي، چين جا سي پيڪ  جا 40 سيڪڙو منصوبا آهن، آءِ پي پيز جي ڪيپسٽي چارجز جو بار پوڻ تي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر چين مان اميد لڳائيندي هڪ پروپوزل تيار ڪيو آهي جنهن ۾ آڇ ڪئي ويندي ته چين پنهنجي منصوبن جي ري پيمينٽ 10 سالن لاءِ فريز ڪري، اها رقم بعد ۾ ادا ڪئي ويندي. چين پاڪستان ۾ ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهر پڻ هلائي رهيو آهي.هاڻي حڪومت چين کي پروپوزل ذريعي آڇ ڪندي ته چين مقامي ڪوئلو استعمال ڪري ۽ کين اهو نظام هلائي ڏنو وڃي، اڳتي حڪومت پاڻ ئي اهي منصوبا جاري رکندي. ٻئي پاسي سرڪار اهو چاهي ٿي ته جن آءِ پي پيز جا معاهدا ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ ختم ٿيڻ وارا آهن انهن کي اڳواٽ رقم ادا ڪري جان ڇڏائجي. ڀاشا ڊيم بابت ريسرچ رپورٽ ۾ حڪومت کي صلاح ڏني وئي آهي ته منصوبي تي 14 ارب ڊالر خرچ ڪرڻ جي ضرورت ناهي ڇو ته ايتري بجلي جي گهرج نه آهي ۽ ڪو ننڍو منصوبو ٺاهجي ۽ مستقبل ۾ ضرورت پوڻ تي منصوبي کي وڌائي سگهجي.

ملڪ کي نقصان ڏيندڙ ايل اين جي ۽ ڪول پاور پلانٽن جو ذڪر ڇو نٿو ڪيو وڃي؟

اسلام آباد (م ڊ) توانائي شعبي جي ماهر ارشد عباسي چيو آهي ته  آءِ پي پيز جي معاملي ۾ امپورٽڊ گيس تي هلندڙ پلانٽن جو ذڪر  ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ 12 سئو ۽ 5 هزار ميگاواٽ جا 4 وڏا پلانٽ آهن جن تي 16 بلين ڊالر لڳايا ويا ۽ انهن مان ڇا حاصل ٿيو؟ نيپرا انهن کي ايڪسٽينشن ڏئي هٿ سان نقصان ڏنو. توانائي ماهر 2015 جي آءِ پي پيز ۾ ٻن وڏن وزيرن کي ان جو ذميوار قرار ڏنو جن ايل اين جي ۽ امپورٽڊ ڪول وارا پلانٽ لڳايا. هن چيو ته انهن جي پلاننگ سان اهي منظور ڪيا ويا هئا. ان ۾ ڪو به پرائيويٽ انويسٽر ناهي، ان ۾ سرڪار پاڻ ئي پارٽي آهي ۽ انهن جي ازالي ۾ رنڊڪ به حڪمران پاڻ ئي آهن.

آءِ پي پي سان معاهدن پٺيان ڪڪ بيڪس آهن: فيصل واوڊا

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته حڪومت کي خطرو (ن) ليگ اندر هلندڙ اقتداري ويڙهه مان آهي، آءِ ايم ايف ناڻي واري  وزير سان ڊيل ڪري ڇڏي آهي. مخصوص سيٽن جي ڪيس جي فيصلي تي عمل نه ڪيو ويندو. خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آئين ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪٿان اچي رهي آهي، بهتر آهي ته وزير پنهنجي نااهلي جو اعتراف ڪن ته قوم کين اڃا وڌيڪ عزت ڏيندي، آءِ پي پيز سان معاهدا هنن ئي سياسي پارٽين ڪيا هئا، اهي بجلي تيار ڪن يا نه ڪن پر حڪومت کين پئسا ڏيندي رهندي، اهڙن معاهدن پٺيان ڪڪ بيڪس آهن.هن چيو ته سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ڌاري سياست ۾ گرمي هوندي پر حڪومت کي ڪوبه خطرو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.