ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي منگهوپير سلطان آباد ويجهو گهر مان مڙس ۽ زال جا لاش هٿ آيا آهن، پوليس اختيارين موجب فائرنگ سبب زال مڙس قتل ٿيا آهن، پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٻنهي زال مڙس پسند جي شادي ڪئي هئي ۽ شادي کانپوءِ سلطان آباد ۾ لڪِي ڪري رهندا هئا، پوليس موجب، ناري جي وارثن کي ٻنهي جي رهائش جي اطلاع ملي جنهن بعد ناري جي ڀائرن پهچي ٻنهي کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا آهن، گوليون لڳڻ سبب زال مڙسن ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو.
-
خيرپور ۾ بااثر پورهيت جي اکين ۾ مرچ وجهي ڇڏيا، احتجاج
خيرپور (رپورٽ: شاهد نواز سيال)خيرپور ڀرسان رپڙي ۾ بااثرن معمولي ڳالهه تان پورهيت عبدالرحمان پنهور کي تشدد ڪرڻ بعد کيس اکين ۾ مرچ وجهي ڇڏيا، ان ڏس ۾ پورهيت عبدالرحمان پنهور خيرپور پهچي ۾ ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو ته بااثرن حضور بخش پنهور جيڪو رٽائرڊ پوليس اهلڪار آهي پنهنجي ساٿين جي مدد سان معمولي ڳالهه تان کيس يرغمال بڻائي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ اکين ۾ مرچ وڌا آهن، جڏهن ته بااثرن ڳوٺ ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهنڪري سخت پريشان آهيان، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.
-
ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن کان اڳ اڏاوتون روڊن تان غائب
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ حد دخلين خلاف آپريشن شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ”ڳجهي اطلاع“ کانپوءِ اهم شاهراهن تان حد دخليون غائب ٿي ويون. ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي سومر کان شهر ۾ شروع ڪيل آپريشن پوليس ۽ انتظاميه بغير ڪنهن فرق جي ڪامياب آهي. ڇنڇر جي رات شهر ۾ مبينا حد دخلين جي سرپرستي ڪندڙ ڪي ايم سي جي ملازمن حد دخلي ڪندڙن کي ڳجهو پيغام ڏنو ته اڄ کان آپريشن شروع ڪيو ويندو، جنهن ۾ رينجرز به شامل هوندي، تنهن ڪري روڊن ۽ فوٽ پاٿن تان حددخليون ختم ڪيون ويون آهن.
-
توشا خانا نئون ڪيس:عمران ۽ بشريٰ بي بي جو 7 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) توشا خانا جي نئين ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي جو وڌيڪ 7 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو آهي.احتساب عدالت جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ 29 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي.نيب ٽيم پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي هئي.عدالت پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جو 7 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو. نيب ٽيم جوابدارن کان جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي کي 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
-
وفاقي ڪابينا جو اڄ رٿيل اجلاس ملتوي
اسلام آباد (م ڊ)زيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اڄ رٿيل اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف اڄ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس طلب ڪيو هو جنهن ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف تي پابندي بابت منظوري وٺڻي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان، اڳوڻي صدر عارف علوي ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف آرٽيڪل ڇهه تحت ڪارروائي جي منظوري به وٺڻي هئي. پر هاڻ اطلاع آهن ته اڄ وزيراعظم جي صدارت هيٺ رٿيل اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.