ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس فائرنگ سان قتل ٿيل سائره سمون جي وارثن مرضي موجب ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، درخواست گذار صدام جي وڪيل اشرف سمون پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته پوليس پنهنجي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي، اسان جو موقف آهي ته قاتل پوليس آهي، ڪيس وارثن جي مدعيت ۾ داخل ٿيڻ گهرجي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 4جولاءِ تي پوليس گلشن جديد جي ويجهو گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن ڪري عورت سائره سمون قتل ٿي وئي، جڏهن ته سائره جي ڌي زخمي ٿي وئي آهي، ان کان اڳ ملير عدالت نئون ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي .