آدم شماري ۾ سازش تحت سنڌي گهٽ ڏيکاريا ويا آهن:زين شاهه

ڪراچي اوڀر (رپورٽ: شفقت نوناري) ڪراچي سچل ڳوٺ جي شھيد بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان ورڪرز اجلاس  ڪوٺايو ويو ڪوٺايل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراھ سيد زين شاهھ خطاب ڪندي چيو تـ اسان پنھنجي وطن تي پنھنجو اختيارات چاھيون ٿا سنڌ جي وسيلن تي سنڌي ماڻھن کي اختيار ڏنو وڃي سيد زين شاھ وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تـ ڊجيٽل آدمشماري ۾ سازش تحت سنڌي ماڻھن جي آدمشماري گھٽ ڏيکاري وئي آھي جڏھن تـ سنڌ جي ماڻھن ڊجيٽل آدمشماري خلاف پنھنجو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ھو پر حڪمرانن طرفان سنڌ جي ماڻھن جي احتجاج کي نـ ٻڌو ويو ھن چيو تـ ملڪ جون واڳون ڪرپٽ نااھل ماڻھن کي ڏنيون ويون آھن جيڪي ملڪ ۾ خوشحالي آڻڻ بدران پنھنجا پيٽ ڀري رھيا آھن، ان موقعي تي ايس يو پي جي اڳواڻن روشن علي ٻرڙو، جڳديش آھوجا، سيد منير حيدر شاھه، اعجاز سامٽيو، رمضان ٻرڙو، منير نائچ، خواجا نويد، ڊاڪٽر علي نواز گبول، منير مگسي، مخدوم شمس، فتح خاصخيلي، واحد مغيري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.