اسلام آباد (اسد طور) صحافي ۽ ولاگر اسد طور پنهنجي ولاگ ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ تي ڇاپو هڪ گيم پلان جي نشاندهي ڪري ٿو. رئوف حسن اصل نشانو ناهي پر نشانو اهي 41 ايم اين ايز آهن جن پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪئي، ڇاپي ۾ سندن قسم ناما گم ڪيا ويا، قسم ناما ئي نه هوندا ته هو پي ٽي آءِ ۾ شامل نه ٿي سگهندا، ائين لڳي ٿو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ئي اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته کين پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ نه ڏنو ويندو. پوءِ آزاد 41 ڄڻن مان 10 کان 15 ميمبرن کي ڪيسن ۾ ڦاسائي آئيني ترميم ۾ ووٽ ڏياري قاضي فائز کي 3 سال واڌ ڏياري ويندي. هي سڀ ان ئي منصوبي جو حصو لڳي ٿو.