حيدرآباد(رپورٽر) ماحولياتي ماھرن، سول سوسائٽي جي نمائندن، سڄي ملڪ مان ماحول توڙي انسان دشمن منصوبن جي متاثرن چيو آهي ته پاڪستان ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگي بجلي ٺاهيندڙ ملڪ آهي، بجلي ٺاهڻ جا سمورا منصوبا ماحوليات، انسان، جانورن ۽ جهنگلي جيوت جي لاءِ انتهائي گهڻا نقصانڪار آهن، ماحولياتي تبديلين جي انتهائي خطرناڪ اثرن کان بچڻ جي لاءِ سج جي روشني مان ٺهندڙ بجلي سولر انرجي ۽ هوا مان ٺهندڙ بجلي وارن ذريعن ڏانهن وڃڻو پوندو، ڪوئلي ٿر سميت سڄي سنڌ تي خراب اثر ڇڏيا آهن، جيڪڏهن مهانگا ۽ ماحول دشمن بجلي جا منصوبا ختم نه ڪيا ويا ته ايندڙ وقت ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گرمي پد خطرناڪ حد تائين وڌي سگهي ٿو، پاڻي جي فطري وهڪرن، درياهه، انڊس ڊيلٽا ۽ ٻيلن جي بحالي کانسواءِ ماحولياتي اثرن کي منهن نٿو ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه سماجي تنظيم الائنس فار ڪلائمينٽ جسٽس اينڊ ڪلين انرجي (اي سي جي سي اي) پاران ”آئي جي سي اي پي جي نالي تي بجلي واري رٿابندي ڪنهن جي لاءِ⸮” جي عنوان هيٺ حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ ڪوٺايل عوامي ڪچهري ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ نور بجير چيو ته حڪومتون توانائي جو پورائو ڪرڻ لاءِ ماحول، انسان، جانور ۽ جهنگلي جيوت دشمن منصوبا لڳائي رھيون آھن، سنڌ اھو خطو آھي، جيڪو مختلف وسيلن سان مالامال آھي، هوا ۽ سج جي روشني مان بجلي ٺاهڻ جا سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن، پر سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ بدران ماحول دشمن بجلي جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن ھن چيو تھ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ 40 کان 50 ورھيھ اڳ جيڪي خراب انرجي تي منصوبا لڳايا ويا، انھن جا نتيجا ماحولياتي تبديلين جي شڪل ۾ سامھون اچي رھيا آھن، ان جي باوجود پاڪستان ۾ ھن وقت ڪيترائي ڪوئلي سميت ٻي خراب انرجي تي منصوبا ھنيا پيا وڃن، جيڪي عام ماڻھو سان گڏ معاشري کي نقصان پھچائي رھيا آھن. ماحوليات تي ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم جي اڳواڻ زين چيو ته پاڪستان ۾ سڄي ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگي بجلي ملي رهي آهي، انڊيا ۾ هتان کان 40 سيڪڙو سستي بجلي ملي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ماحول دشمن بجلي ٺاهي ٿو، نئين منصوبي ۾ هوا ۽ سج جي روشني مان بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪو به پلان ظاهر نه ڪيو ويو آهي. زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو تھ سنڌ جي ماحول دوست نظام کي تباھه ڪيو ويو آھي، ڪوئلي سميت ٻيا لڳندڙ منصوبا انساني حقن جي لتاڙ آھن، ٿر جي ڪول پلانٽ کي ھلائڻ لاءِ مختلف ھنڌن تان پاڻي کنيو پيو وڃي پر ٿر جا ماڻھو اڄ بھ پاڻي کان محروم آھن، ھن چيو تھ درياءَ خشڪ ڪيو ويو آھي، ٻيلا ختم ڪيا ويا آھن، اڳ ۾ ڪئنالن، واھن ۽ واٽرڪورسن تي وڻ لڳل ھوندا ھئا، جيڪي ختم ڪيا ويا آھن، جنھن سبب ماحولياتي گدلاڻ وڌي وئي آھي. ڊاسو ڊئم جي متاثر صحافي شمس ڪوهستاني چيو ته منهنجو گهر سنڌو درياءَ ۽ قراقرم جي ڪنڌيءَ تي آهي، سنڌو درياءَ تي ڊاسو پاور پلانٽ منصوبو اڏيو پيو وڃي. هن چيو ته اٽڪ وٽ سنڌو درياءَ سڪو پيو آهي، جتي درياءَ جي پيٽ ۾ 100 ڪلوميٽر جي ڍنڍ ٺاهي پئي وڃي، ڊيم سان 45 ڳوٺ ختم ٿي رهيا آهن، قديمي ڳوٺن ۽ قبرستان سان گڏ ماڻهن جي زندگين کي خطرو آهي، زمين تي قبضو ڪري ڊيم ٺاهيو پيو وڃي، ورلڊ بينڪ طرفان متاثر ماڻهن کي 45 لک معاوضو ڏنو پيو وڃي، جنهن سان ڪا زمين خريد نٿا ڪري سگهون، فشرفوڪ فورم جي اڳواڻ سعيد بلوچ چيو ته ڪوئلي جي ڊوڙ ۾ اسان پنهنجي ماحوليات کي تباهه ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۾ ماحولياتي پاليسي ناهي، رڳو ڪاغذن ۾ پاليسي جڙيل هوندي آھي. ھن چيو تھ سياسي پارٽين کان سوال ڪرڻ گهرجي ته توهان وٽ ڪهڙي ماحولياتي پاليسي موجود آهي، هن قسم جي گرمي ڪڏهن ناهي محسوس ڪئي. ٿر واسي اوڀايو جوڻيجو چيو ته ٿر مان ڪوئلو نڪري ٿو پر ٿر جي ماڻهن کي بجلي نٿي ملي، ٿرپارڪر کليل علائقو آهي، اتان ڪوئلو ڪڍڻ بدران اتي سج جي روشني ۽ هوا مان بجلي ٺاهڻ جا منصوبا هئڻ گهرجن. هن چيو ته ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ ٿر کي تباهه ڪيو ويو آهي، ٿرڪول منصوبي جي ڪري ڪنهن وڻ کي به رهڻ نٿو ڏنو وڃي، بدين واسي لطيف جوکيو چيو تھ بدين جي پڇڙيءَ ۾ لکين ايڪڙن تي پوکيل سارين جو ٻيجارو پاڻي کوٽ سبب تباھ ٿي رھيو آھي، زمينن لاءِ پاڻي ناھي، آبادگارن کي مٿي تي ھٿ آھن، ماحول دشمن منصوبن ۽ پاڻي کوٽ سميت ٻين مسئلن تي گڏيل آواز اٿارڻ جي ضرورت آھي. ڪراچي مان آيل شڪيلا اصغر چيو تھ ڪراچي اليڪٽرڪ صنعت جي تباھي جي ذميوار آھي، جيڪا مھانگي بجلي فراھم ڪري رھي آھي، 7 سئو رپين جي بجلي جي استعمال تي 13 کان وڌيڪ ٽئڪس لڳائي 4 ھزار رپين تائين بل اماڻيو وڃي ٿو. ھن چيو تھ لوڊشيڊنگ ۽ مھانگائي سبب ڪراچي مان صنعت ختم ٿي رھي آھي، صنعتي مزدور توڙي ھوم بيسڊ مزدور بيروزگار ٿي رھيا آھن،مصطفيٰ ميراڻي چيو تھ اڳ ۾ اهو عقل کان ويل ماڻهن پاران چيو ويندو ھو تھ ڊئم نھ ٺاھيا ويا تھ ملڪ ۾ بجلي پيدا نھ ٿي سگھندي، ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿي ويندو، زراعت کي نقصان ٿيندو، ڊئم جوڙيا ويا تنهن هوندي به حالتون تبديل ناھن ٿيون. ھن چيو تھ ماحول دشمن منصوبن خلاف آواز اٿارڻ تي ملڪ دشمني جا لقب ڏنا وڃن ٿا. ٿرپارڪر واسي گووند راٺوڙ چيو تھ ٿر اڳ ۾ ئي ريگستاني علائقو هو پر هاڻ اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ٿر ڪول ھئڻ ڪري رھڻ جي قابل نه رهندو، جنھن سبب ماڻھو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيندا، ماحول دوست نظام کي ھٿ وٺي خراب ڪيو پيو وڃي، ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب ٻارڙا فوت ٿي رھيا آھن، ڳرهاريون عورتون پڻ مري رھيون آھن، ان موقعي تي عوامي ڪچھري ۾ عورت اڳواڻ ماروي اعواڻ، مھوش لغاري، اسلم ملاح، قربان کوسو، ڪمال پالاري، ڊاڪٽر نواز علي لنڊ ۽ ٻين پڻ ڳالھايو.