بنون ۾ ڌرڻو، فوج بدران پوليس کي آپريشن جي اڳواڻي ڏيڻ جو مطالبو

پشاور/ بنون(م ڊ) خيبرپختونخواه صوبي جي بنون ضلعي ۾ امن مارچ ۽ ڌرڻي جي اڳواڻن ڳالهين جي پهرين مرحلي ۾ حڪومت کي 10 مطالبا پيش ڪيا آهن، جن ۾ طالبان جي مرڪزن جو مڪمل خاتمو ۽ فوجي آپريشن بدران پوليس کي بااختيار بڻائڻ شامل آهن. سي ٽي ڊي کي دهشتگردي جي خاتمي واري فورس جي حوالي سان سمورن دهشتگرد ڪاررواين جي ڪمانڊ حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.  ڌرڻي جي اڳواڻن اتفاق راءِ سان 45 رڪني امن ڪميٽي جي چونڊ ڪئي  چيمبر آف ڪامرس بنون جي صدر ناصر خان بنگش کي ان امن ڪميٽي جو سربراهه چونڊيو ويو آهي، جڏهن ته حڪومت طرفان ڳالهين واري ٽيم ۾ ڪمشنر بنون ڊويزن، ڊي آءِ جي بنون ڊويزن ۽ ضلعي پوليس آفيسر بنون ڊويزن شامل آهن. مطالبن ۾ چيو ويو آهي ته طالبان سٺا هجن يا خراب، انهن جيڪي به مرڪز کوليا آهن انهن کي بند ڪيو وڃي. بنون ۾ ٽن ڏينهن کان بند انٽرنيٽ کوليو وڃي، بنون ۾ فوجي آپريشن نه ٿيندو،ڪو به غائب نه ٿيندو. 15 جولاءِ ۽ 19 جولاءِ جي واقعي جي فوري عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.

دهشتگردي خلاف جنگ ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن ۽ عوام کي معاوضو ڏنو وڃي. مدرسن تي حملا بند ڪريو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.