نئين ديري ۾ پيرسن پورهيت ڏنڊا هڻي قتل

نئون ديرو (رپورٽ: محمد علي جروار) نئون ديرو شهر جي سڪندر آباد پاڙي جي رهواسي پورهيت ياسين منگيءَ جي گهر اندر 3 جوابدار گهڙي پورهيت مٿان سخت تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جو مڙھه لاڙڪاڻي اسپتال کان واپس نئون ديرو اسپتال آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. اسپتال ۾ موجود مقتول جي پٽ حبيب الله منگي ٻڌايو ته اسان  جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، پيءُ ڇولا ۽ لائي کپائي گهر جو چرخو هلائيندو هو، خبر ناهي ته ڪير اسان جي گهر ۾ گهڙي والد کي قتل ڪري ويو آهي.  پوليس موجب،  شروعاتي جاچ ۾ ڄاڻ ملي آهي ته مقتول کي هڪ سال اڳ ڪارنهن جو الزام ڏنو ويو هو جنهن تان کيس قتل ڪيو ويو آهي. ٻن جوابدارن جي سڃاڻپ به ٿي آهي جنهن ۾ هڪ لونگاڻي واسي زاهد منگي ۽ ٻيو ميرپور واسي محمد جمن منگي ٻڌايو وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.