مايوسي جي ڳالهه ناهي، آڪٽوبر ۾ ڪجهه نه ٿيندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته حڪومت ۽ سسٽم هلندو رهندو، ملڪ ۾ ڪجهه به نه ٿيندو،پاڪستان کي ميري اک سان ڏسڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڪجهه عنصر عوام ۾ مايوسي پکيڙي رهيا آهن، مايوسي پکيڙي ڪير به پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندو، مقبول هئڻ جو اهو مقصد ناهي ته ادارن خلاف سازشون ڪيون وڃن، پ پ ڏينهن رات عوام جي خدمت لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، مهانگائي ۽ چئلينج موجود آهن، عوام کي رليف فراهم ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ اهڙو رليف ڏنو جيڪو گهريو ئي نه ويو آهي.سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي ماڙيپور کان ٽاور تائين نئين روٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت هر کاتي ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ پيپلز بس سروس جي ماڙيپور کان ٽاور تائين نئين روٽ جو افتتاح ڪيو ويو آهي، سخت گرمي ۾ ماڻهن کي ايئر ڪنڊيشن بسون ملن ٿيون ته جيئي هو روزگار لاءِ آساني سان سفر ڪري سگهن.سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ بهترين اسپتالون آهن، ٻوڏ کانپوءِ دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ منصوبو سنڌ ۾ شروع ڪيو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪجهه ماڻهو مايوسي پکيڙي رهيا آهن، ملڪ ۾ ڪابه مايوسي جي ڳالهه ناهي، حڪومت پنج سال پنهنجو مدو پورو ڪندي، ڪابه ناڪاري پروپيگنڊ ڪامياب نه ٿيندي.هن چيو ته ملڪ ۾ آڪٽوبر ۾ ڪجهه به ٿيڻ نه پيو وڃي، ملڪ ۾ پارلياماني نظام کي ڪير به پٽڙيءَ تان لاهي نٿو سگهي، عوام اطمينان رکي، ناڪاري خبرن تي ڌيان نه ڏئي، سازشي ٽولا پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهن ٿا، پاڪستاني قوم  سازشن کي ناڪام بڻائيندي.

سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته دنيا جي جن ملڪن ۾ تحريڪ انصاف باني جي آزاديءَ لاءِ ٺاهه پاس ٿي رهيا آهن، ڇا انهن ملڪن ۾ قانون ٽوڙڻ جي اجازت آهي، هي ملڪ جو اندروني معاملو آهي، تحريڪ انصاف تي پابندي بابت پيپلزپارٽي جو موقف واضح آهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ بجلي جو مسئلو سنجيده آهي، سمورن مسئلن جي حل لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، معاشي چئلينجن تي به جلد ضابطو آندو ويندو، مهانگائي هڪ چئلينج آهي ۽ محنت ڪري هن دور مان نڪرندا، عوام کي رليف فراهم ڪرڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي.سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنهن به ماڻهو کي ڪٿي به غير قانوني طور رهڻ نه گهرجي، پاڪستان جو جهنڊو لاهڻ وارو واقعو افسوسناڪ آهي، واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، فرينڪفرٽ حڪومت کي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.