عوامي آواز باڊهه جي نمائندي جي رپورٽ آهي ته باڊهه تعلقه موومينٽ جي لاڳيتي پرامن جدوجهد کي پنج ورهيه ٿي چڪا آهن ۽ اها تحريڪ هاڻي ڇهين سال ۾ داخل ٿي رهي آهي جڏهن ته باڊهه رهواسين پاران 15 سالن کان باڊهه کي تعلقو بڻائڻ جي گهر ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته باضابطه طور 19 جولاءِ 2020 کان هفتيوار جدوجهد بنا وقفي جي هلي رهي آهي. ٽيون ڏينهن به باڊهه تعلقا موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينئرن زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ باڊهه ميڊيا هائوس کان ٽائون هال تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ مختلف مڪتبه فڪر سان سلهاڙيل شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته باڊهه شهر 14 وارڊن تي ٻڌل لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو تاريخي ۽ ڪاروباري شهر آهي. ۽ پنهنجي چوڌاري تعلقو بڻيل شهرن کان ٻيڻو وڏو شهر آهي. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه، ايم اين اي نظير ٻگهيو، ايم پي اي عادل الطاف انڙ کان مطالبو ڪيو ته چونڊن دوران پنهنجي ڪيل واعدن کي پاڙي جلد باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن ڪڍيو وڃي.
اصل ۾ اسان جا حڪمران مختلف وقتن ۾ خاص ڪري چونڊن جي مهم ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ هڪڙا اعلان ته ڪري ڇڏيندا آهن پر اڳتي هلي کين انهن واعدن کي پاڙڻ جي ضرورت محسوس ئي ناهي ٿيندي ڇاڪاڻ ته کين خبر هوندي آهي ته اهي سکڻا اعلان ئي هوندا آهن. جيئن ٽيون ڏينهن وزير اعظم شهباز شريف هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سال 2013 ۾ ڇهن مهينن اندر لوڊ شيڊنگ ختم ڪرڻ جو جيڪو اعلان ڪيو هيم سو جذبات ۾ اچي ڪيو هيم ڪيڏو نه مذاق ٿا ڪن حڪمران اسان سان، اهڙو ئي شايد مذاق سيد قائم علي شاهه به پنهنجي وڏي وزارت جي دور ۾ باڊهه واسين سان ڪيو هو ته باڊهه شهر کي جلد تعلقي جو درجو ڏنو ويندو.
قائم علي شاهه ته اهو اعلان ڪري ڇڏيو پر باڊهه واسين ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي هئي ۽ اهي انتظار ڪرڻ لڳا ته اجهو ٿو نوٽيفڪيشن اچي پر افسوس ته ان اعلان کي 15 ورهين ٿي ويا آهن پر باڊهه جي تعلقي وارو نوٽيفڪيشن نه نڪري نه نڪتو. تنهن ڪري باڊهه واسين کي 5 سال اڳ باڊهه تعلقه تحريڪ شروع ڪرڻي پئي جيڪا هاڻي ڇهين سال ۾ داخل ٿي چڪي آهي پر ان تحريڪ جو به پ پ حڪومت تي ڪو اثر نه ٿيو. باوجود ان جي ته باڊهه کي تعلقو بڻائڻ جو اعلان خود پ پ جي سنڌ حڪومت جي وڏي وزير ۽ سينيئر ترين اڳواڻ قائم علي شاهه ڪيو هو. اهو قائم علي شاهه جي حڪومت جو اخلاقي فرض هو ته اهو پنهنجي واعدي کي پاڙِي ها ۽ پنهنجي ووٽرن کي رليف ڏئي ها.
ايئن قائم علي شاهه پنهنجي وڏ وزارت ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ديهانت ڪري وڃڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ سندس سمادي يادگار طور جوڙائڻ لاءِ جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ جڳهه ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، پر ان تي به عمل نه ٿي سگهيو. باوجود ان جي ته ڪامريڊ سوڀي جي پٽ ۽ اسان پنهنجي ايڊيٽوريلن ۽ ڪالمن ۾ قائم علي شاهه کي سندس واعدو وقت به وقت ياد به ڏياريندا هياسين ۽ جيئن بادهه تعلقو موومينٽ گذريل پنجن سالن کان حڪومت کي تعلقي وارو واعدو ياد ڏياريندي رهي آهي. جڏهن ته اصولي طور تي ٿيڻ ايئن گهرجي ته حڪومت جو پنهنجو نيٽ ورڪ اهڙو هئڻ گهرجي ته حڪومت يا حڪمران ڪو اعلان ڪري ته انهن جي نيٽ ورڪ جي ٽيم پاڻ ئي ان کي فالو ڪندي رهي ۽ پاڻمرادو اهو ڪم ٿي وڃي بجاءِ ان جي جو عوام کين ياد ڏياريندو رهي.
ان حوالي سان پ پ جي ئي باني ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ مشهور آهي ته هو جيڪو واعدو ڪندو هو سو لازمي طور پاڙيندو هوکيس رستي ۾ به ڪو ماڻهو ملندو هو ۽ کانئس نوڪري وغيرهه ڏيڻ جي ڳالهه ڪندو هو ته ذاتي طور تي ڀٽو صاحب کي پاڻ ئي ياد هوندو هو ته مون ڪنهن سان واعدو ڪيو هو، تنهن بابت معلومات وٺان. پ پ کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن ليڊرن جي روايتن تي ته هلڻ گهرجي ٻيو ته انهن کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته ذوالفقار علي ڀٽي جي ان حڪومت کي اڄ به عوام ياد ڪري ٿو. ان جو سبب اهو آهي ته جيڪو چوندو هو سو ڪري ڏيکاريندو هو .
پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت کي اهو به سمجهڻ گهرجي ان کي سڄي پاڪستان مان وڌ کان وڌ ووٽ سنڌي عوام ئي ڏئي ٿو، ۽ ان ڪري پ پ جي حڪومت رڳو سنڌ تائين محدود ٿي وئي آهي پر جيڪڏهن پ پ حڪومت سنڌ جي عوام جو خيال نه رکيو ۽ ان جي ضرورتن جو احساس نه ڪيو ته پوءِ ڊڄڻ ان ڏينهن کان گهرجي جو سنڌي عوام به پ پ کي ووٽ ڏيڻ ڇڏي ڏئي.
پ پ جي اقتداري مفاد جي به اها ئي تقاضا آهي ته اها عوام کي خاص ڪري پنهنجي ووٽرن کي خوش ڪري ۽ مقبول فيصلا ڪري ته جيئن سنڌ حڪومت جي ماڊل کي ڏسندي ٻين صوبن جو عوام به مٿن اعتماد ڪري پر هتي صورتحال اها آهي ته هاڻي سنڌي عوام به پ پ جي بيد گورنس مان بيزار ٿيڻ لڳو آهي . ان کان بچڻ لاءِ حڪومت کي گهرجي ته سنڌي عوام جا ڪم ڪري. مثال طور باڊهه جي عوام جي تعلقي واري جائز مطالبي کي فوري طور مڃي عوام کي جيڪر خوشي ڏئي ڇڏي.
باڊهه شهر جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته هڪ تاريخي ۽ ڪاروباري شهر رهيو آهي. ان شهر جي آبادي وڌڻ سان نه رڳو اهو شهر ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ وڌي ويو آهي پر آبادي وڌڻ سان ان جا مسئلا به وڌي ويا آهن انهن مسئلن جي حل جو طريقو اهو ئي آهي ته ان شهر کي تعلقي جو درجو ڏئي انهن مسئلن کي وڏي پئماني تي حل ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.
باڊهه جو ٻيو سڀ کان وڏو مسئلو باءِ پاس نه هجڻ آهي جڏهن ته عام طور تي سنڌ جي سڀني شهرن کي باءِ پاس رود جي سهولت آهي پر باڊهه کي اها سهولت به ميسر ناهي جنهن ڪري شهر اندر هر وقت ٽريفڪ جي رش رهي ٿي ان ڪري اسڪولن، ڪاليجن، نوڪرين ۽ ڪاروبار لاءِ ايندڙ ويندر ماڻهن جو وڏو وقت ضايع ٿئي ٿو . اهڙا باڊهه جا ٻيا به ڪيترائي مسئلا آهن جن جو حل ان جي تعلقي واري ترقي سان سلهاڙيل آهي.
اسان باڊهه واسين ۽ خاص ڪري باڊهه تعلقه موومينٽ جي اڳواڻن کي سلام پيش ڪنداسين جن انتهائي پرامن طريقي سان پنجن سالن کان جدوجهد هلا ئي آهي ۽ بنا ڪنهن وڳوڙ جي جائز نموني تحريڪ کي هلايو آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته سندن امن پسندي ۽ صبر کي سندن ڪمزوري سمجهيو وڃي. سو باڊهه واسين کي مجبور نه ڪيو وڃي ته اهي پنهنجو صبر لبرير ڪن ۽ حڪومت لاءِ مسئلو پيدا ڪن تنهن ڪري حڪومت کي سندن پر امن جدوجهد تي انعام طور سندن شهر کي تعلقي جو درجو ڏئي سندن دليون کٽڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.